
جارج برنانڊشا
جارج برنارڊشا: مشھور ڊرامه نگار، اديب ۽ سوشلزم جي پرچارڪ جارج برنارڊشا، 26 جولاءِ 1856ع ۾ آئرلينڊ جي شھر ڊبلن ۾ جنم ورتو. جارج برنارڊشا، جارج ڪيرشا ۽ لوسـنڊا ايـلـزبٿ جو اڪيلو پٽ هو. شروع ۾ جارج برنارڊشا جون لکڻيون ناڪام ويون. 1879ع ۾ هن پنھنجي زندگيءَ تي لکيل ڪتاب ‘Immaturity’ مڪمل ڪيو، پر هن ڪتاب کي لنڊن جي ڪنهن بہ پبليشر ڇپائڻ جي حامي نہ ڀري اڳتي هلي اهو ئي ڪتاب مشھور ليکڪ جي وڏي ڪتاب جي حيثيت ۾ 1930ع ۾ شايع ٿيو. اهڙيءَ طرح هن جي اڳ ۾ لکيل چئن ناولن کي بہ قبول نہ ڪيو ويو. ڏهن سالن تائين هن پاران اخبارن کي موڪليل مضمونن جو بہ اهو ئي حال ٿيو. جارج برنارڊ جي حياتيءَ جو لکيل هڪ ناول جيڪو تقريباً 1887ع يا 1888ع ۾ لکيو ويو هو، سندس مرڻ کان پوءِ 1958ع ۾ ڇاپيو ويو. اهو ناول جارج برنارڊشا جي ادبي دؤر جو آخري ناول هو. جارج برنارڊشا سماجي سرگرمين ۾ بہ حصو ورتو، پر هيءُ گهڻي ڀاڱي 1889ع ۾ ڇپجندڙ ‘Fabrion Eassy in Socialism’ جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ سامهون آيو. جنهن ۾ هن جون پنهنجون ٻہ تحريرون بہ شامل هيون. اهو مجموعو برطانوي سوشلسٽ ادب ۾ ڪلاسڪ جي حيثيت رکي ٿو. 1885ع ۾ ڊرامه نگار وليم آرچر (William Archer) جي نظر جارج برنارڊشا جي صحافتي ڪم تي پئي. هن جو هيءُ ڪم 1885ع کان 1888ع تائين ’Pallmall Gazette‘ ۾ ڇپجندڙ ڪتابن تي تبصري ۽ 1986- 1889ع کان ‘The World’ ۾ ڇپجندڙ فن تي تنقيدي مضمونن ۽ 1888ع کان 1894ع تائين ‘The Star’ ۽ ‘The World’ ۾ ڇپيل ڪالمن تي مشتمل هو. موسيقي ۽ خاص ڪري اوپيرا (نظميه ڊرامي) بابت جارج برنارڊشا جي ڄاڻ ڪمال درجي جي هئي، پر جارج برنارڊشا جو مقدر ان وقت چمڪيو جڏهن فرينڪ هيرس’‘Frank Harri کيس ڊرامه نگار جي حيثيت ۾ `Saturday Review` ۾ جڳھہ ڏني. هن حيثيت ۾ جارج برنارڊشا پنهنجين سمورين صلاحيتن ۽ حاضر جوابيءَ سان ڪم ڪندي وڪٽورين اسٽيج جي تصورن کي تبديل ڪيو. هيءُ اهو ئي زمانو هو، جڏهن جارج برنارڊشا ڊراما نگاريءَ جي شروعات ڪئي.
جارج برنارڊشا 2 نومبر 1950ع ۾ هرٽ فورڊ شائر ۾ وفات ڪئي. آئرلينڊ جي هن ڊراما نگار، اديب ليکڪ ۽ سوشلزم جي پرچارڪ کي 1925ع ۾ نوبل انعام ڏنو ويو. جارج برنارڊشا جا لکيل ڊراما هيٺ ڏجن ٿا:
1. ’Saint Joan ‘:ڇھن منظرن تي مشتمل هيءُ ڊرامو 1923ع ۾ پيش ڪيو ويو ۽ 1924ع ۾ ڇپايو ويو.
2. ’Heart Break House ‘:هيءُ ڊرامو ٽن حصن ۾: هڪ 1919ع ۾ ۽ ٻيو 1920ع ۾ ڇپيو.
3. ’Pygmalion ‘:جارج برنارڊشا جو پنجن حصن تي مشتمل هي ڊرامو 1913ع ۾ ويانا ۽ 1914ع ۾ انگلينڊ ۾ پيش ڪيو ويو.
4. ’Androcles and the Lion ‘:هي ڊرامو ٻن حصن ۽ هڪ واقعي تي مشتمل آهي. 1913ع ۾ هيءُ ڊرامو برلن ۾ پيش ڪيو ويو ۽ ان کان پوءِ 1916 ۾ ڇپايو ويو.
5. ’The Doctor’s Dilemma ‘:چئن حصن ۾ پيش ڪيل هن ڊرامي ۾ هڪ ايپي لاگ بہ شامل آهي. هي ڊرامو پهريون دفعو لنڊن ۾ پيش ڪيو ويو ۽ پهريون ڀيرو 1911ع ۾ شايع ڪيو ويو.
6. ’Major Barbara ‘:هيءُ ٽن حصن تي مشتمل سماجي طنز تي مشتمل ڊرامو 1905ع ۾ پيش ڪيو ويو ۽ 1907ع ۾ شايع ڪيو ويو.
7. ’Caesar and Cleopatra ‘:جارج برنارڊشا چئن حصن وارو هيءُ ڊرامو 1898ع ۾ لکيو ۽ 1901ع ۾ شايع ٿيو ۽ پهريون دفعو 1906ع ۾ پيش ڪيو ويو. هن ڊرامي کي جارج برنارڊشا جو بھترين ڊرامو سمجهيو وڃي ٿو.
8.’ Man and Superman ‘:چئن حصن تي مشتمل هيءُ ڊرامو 1903ع ۾ شايع ٿيو ۽ پهريون دفعو 1905ع ۾ پيش ڪيو ويو. هن ڊرامي ۾ ٽئين حصي جو ٻيو منظر شامل نہ هو، تنهنڪري هيءُ ڊرامو مڪمل طرح 1915ع ۾ پيش ڪيو ويو.
9. ’Candida ‘:ٽن حصن وارو هيءُ ڊرامو 1897ع ۾ پيش ڪيو ويو ۽ ان کان هڪ سال بعد شايع ڪيو ويو.
10.’ Arms and the Man ‘:رومانس تي مشتمل مزاحيہ ڊرامو ٽن حصن ۾ جيڪو سڀ کان پهريون 1894ع ۾ پيش ڪيو ويو ۽ 1898ع ۾ شايع ڪيو ويو.
11. ’Mrs. Warren’s Profession ‘:چئن حصن تي مشتمل هيءُ ڊرامو 1893ع ۾ لکيو ويو ۽ 1898ع ۾ ڇاپيو ويو، پر حڪومت جي پابندي سبب هيءُ ڊرامو 1902ع کان پهرين پيش نہ ٿي سگهيو.
ڊرامن کان سواءِ جارج برنارڊشا ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف بہ رهيو. سندس ڪتاب: ’Black Girl in Search of God‘ ڏاڍو مشھور ٿيو، ان جي جواب ۾ علامہ آءِ. آءِ. قاضي ’White Girl in Search of God‘ (ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾) لکيو، جنهن جو سنڌي ترجمو سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو آهي.
26.07.1856 عيسوي
جارج برنارڊشا: مشهور ڊرامه نگار ، اديب ۽ سوشلزم جي پرچارڪ جارج برنارڊشا ، 26 جولاءِ 1856ع ۾ آئرلينڊ جي شهر ڊبلن ۾ جنم ورتو
02.11.1950 عيسوي
جارج برنارڊشا 2 نومبر 1950ع ۾ هرٽ فورڊ شائر ۾ وفات ڪئي . آئرلينڊ جي هن ڊراما نگار ، اديب ليکڪ ۽ سوشلزم جي پرچارڪ کي 1925ع ۾ نوبل انعام ڏنو ويو .
00.00.1925 عيسوي
جارج برنارڊشا 2 نومبر 1950ع ۾ هرٽ فورڊ شائر ۾ وفات ڪئي . آئرلينڊ جي هن ڊراما نگار ، اديب ليکڪ ۽ سوشلزم جي پرچارڪ کي 1925ع ۾ نوبل انعام ڏنو ويو .