
جارج پنجون
جارج-V (George V ):جارج نالي سان هن کان اڳ ۾ چار ٻيا بادشاھہ جارج I، جارج II، جارج III ۽ جارج IV ٿي گذريا آهن. جارج پنجون برطانيا ۽ اتر آئرلينڊ جو بادشاھہ هو. پاڻ هندستان جو شهنشاھہ بہ رهيو. هي 1865ع ۾ ڄائو. هن جو تعلق ونڊسر خاندان سان هو. هو جارج ايڊورڊ ستين جو ٻيو پٽ هو. 1877ع ۾ رائل نيوي ۾ ڀرتي ٿيو ۽ ايڊمرل (امير البحر) جي عهدي تي پهچي ويو. پنھنجي وڏي ڀاءُ البرٽ وڪٽر جي وفات بعد جارج-V، جانشينيءَ ۾ ٻئي نمبر تي اچي ويو. هن پنھنجي ڀاءُ جي مڱيندي شھزادي وڪٽوريا ميريءَ سان شادي ڪئي ۽ 1892ع ۾ يارڪ جو ڊيوڪ بڻيو. 1901ع ۾ جڏهن هن جو پيءُ ملڪہ وڪٽوريا جي جاءِ تي بادشاھہ ٿيو تہ جارج پرنس آف ويلز بڻجي ويو ۽ 1910ع ۾ پيءُ جي موت کان پوءِ تخت نشين ٿيو. جارج ۽ ميريءَ کي ڇھہ ٻار پيدا ٿيا. جارج پنجين جي دؤر جو اهم واقعو پهرين عالمي (1919-1914ع) جنگ هئي. جرمنيءَ خلاف انگلينڊ جي جنگي اعلان کان پوءِ بادشاھہ سمورا جرمن خطاب واپس ڪري ڇڏيا ۽ شاهي گهراڻي جو نالو بدلائي ’هائوس آف ونڊسر‘ رکي ڇڏيو. هن 1936ع ۾ وفات ڪئي، سندس جاءِ ايڊورڊ اٺين ورتي.
00.00.1965 عيسوي
جارج-V ( George V ) : جارج نالي سان هن کان اڳ ۾ چار ٻيا بادشاهه جارج I ، جارج II ، جارج III ۽ جارج IV ٿي گذريا آهن . جارج پنجون برطانيا ۽ اتر آئرلينڊ جو بادشاهه هو . پاڻ هندستان جو شهنشاهه به رهيو . هي 1865ع ۾ ڄائو