
جارج ڇهون
جارج-VI (George VI ):هي برطانيا ۽ اتر آئرلينڊ جو بادشاھہ ۽ هندستان جو شهنشاه ۽ بادشاھہ جارج پنجين جو پٽ هو ۽ 1895ع ۾ پيدا ٿيو. هن ڪيمبرج يونيورسٽي ۽ رائل نيول ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪئي. 1923ع ۾ هن ليڊي ايلزبٿ سان شادي ڪئي ۽ ٻن ڌيئرن جو پيءُ ٿيو. سندس هڪ ڌيءَ پوءِ ملڪہ ايلزبيٿ- II بڻي. هي پنھنجي ڀاءُ جارج ايڊورڊ اٺين جي دست برداريءَ کان پوءِ تخت نشين ٿيو. 1937ع ۾ پنھنجي تاجپوشيءَ کان پوءِ بادشاھہ جارج فرانس، ڪينيڊا ۽ آمريڪا جا دورا ڪيا. ٻي عالمي جنگ (1943-1939ع) دوران بہ ڪيترن ئي محاذن تي ويو. 1947ع ۾ شاهي گهراڻي ڏکڻ آفريڪا ۾ ڪيترائي مهينا گذاريا. پنھنجي زندگيءَ جي آخري ٽن سالن ۾ بيماريءَ جي ڪري وڌيڪ سفر نہ ڪري سگهيو. جارج اٺين هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ شهنشاھہ هندستان جي لقب تان هٿ کڻي ڇڏيو. هن جي جاءِ ايلزبٿ ٻيءَ سنڀالي. (وڌيڪ ڏسو: برطانيہ: جلد پهريون)
00.00.1895 عيسوي
جارج-VI ( George VI ) : هي برطانيا ۽ اتر آئرلينڊ جو بادشاهه ۽ هندستان جو شهنشاه ۽ بادشاهه جارج پنجين جو پٽ هو ۽ 1895ع ۾ پيدا ٿيو .