جاريه بن قدامرضه: حضرت بن قدامرضه'>جاريه بن قدامرضه حضرت علي عليہ السّلام جي اصحابن مان هڪ هو، حضور صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي آخري خطبي خم غدير ۾ چيل لفظ”مَن ڪُنت مولاه فهـٰذا علي مولا“ سندس دل تي لکجي ويا، جنهن کان پوءِ هي حضور صلي ﷲ عليہ وسلم ۽ حضرت علي عليہ السلام جو وڏو معتقد ۽ عاشق ٿي پيو. حضور صلعم جن جي رحلت کان پوءِ هي حضرت آل محمد عليهم السلام سان گڏ هو ۽ حضرت علي ابن ابي طالب عليہ السلام جي اصحابين مان هو. هميشہ حق جي تلقين ڪندو هو ۽ ظلم جو مخالف هوندو هو، ان سان گڏوگڏ آل محمد جي حق غصب ڪرڻ وارن سان سخت نفرت ڪندو هو. جنگ جمل ۽ جنگ صفين ۾ حضرت علي ابن ابي طالب عليہ السلام جي طرفان وڙهيو. حضرت جاريه رضہ خارجين سان وڙهڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. حضرت عباس ابن عبدالله جنهن لشڪر کي خارجين سان وڙهڻ لاءِ موڪليو ان جو سپھہ سالار حضرت جاريه هو. حضرت جاريه آخري لڙائي حضرت علي عليہ السلام جي دؤر ۾ بسر بن ارطاة جي خلاف 40ھہ/ 660ع ۾ وڙهيو. حضرت علي عليہ السلام جي شهادت کان پوءِ حضرت امام حسين عليہ السلام جي لاءِ ماڻهن کان پوءِ بيعت وٺڻ لڳو، پر پوءِ ملوڪيت شروع ٿي چڪي هئي ۽ دين اسلام کي بچائڻ واسطي امام حسن عليہ السلام مديني منوره ۾ وڃي رهائش اختيار ڪئي. جاريه بن قدام بصري ۾ 46ھہ/ 666ع ۾ رحلت ڪئي ۽ سندن آخري آرام گاھہ پڻ بصري ۾ آهي.
0046.00.00 هجري
جاريه بن قدام بصري ۾ 46هه/ 666ع ۾ رحلت ڪئي ۽ سندن آخري آرام گاهه پڻ بصري ۾ آهي .
0666.00.00 عيسوي
جاريه بن قدام بصري ۾ 46هه/ 666ع ۾ رحلت ڪئي ۽ سندن آخري آرام گاهه پڻ بصري ۾ آهي .