جاسوس

جاسوس: ڳجهہ ڳوھہ ۾ خبرون رسائيندڙ ڪردار، جنهن کي ’خفيہ خبر رسان‘ بہ چئبو آهي. هن ڪردار کي معاشري ۾ سٺي نظر سان نہ ڏٺو ويندو آهي. هر دؤر ۾ حڪمران جاسوسن ذريعي دشمنن ۽ مخالفن جي ارادن ۽ چُرپر کان واقف ٿيندا آيا آهن. موجودہ دؤر ۾ بہ ڪيترا ادارا انهيءَ ڪم ۾ مصروف آهن. جنگ جي زماني ۾ جاسوسي تنظيمن جي ذميواري وڌي ويندي آهي. اهڙو انسان جيڪو ڳجهو مواد هٿ ڪرڻ خاطر دشمن ملڪ ۾ پنھنجي ملڪ جي لاءِ ڪم ڪري، ان کي جاسوس چيو ويندو آهي. جاسوس ٽن نمونن جا هوندا آهن، هڪڙا اهي جيڪي پنھنجي ملڪ جي مفاد خاطر ٻئي ملڪ ۾ جاسوسي ڪندا آهن، ٻيا اهي، جاسوس جيڪي ٻين جي مفاد خاطر پنھنجي ملڪ ۾ جاسوسي ڪندا آهن، ٽيان اهي جاسوس، جيڪي ساڳئي وقت پنھنجي ۽ دشمن ملڪ لاءِ جاسوسي ڪندا آهن.



لفظ جاسوسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو