جالوت: فلسطين جو هڪ پهلوان، جنهن بني اسرائيل کي جنگ لاءِ للڪاريو ۽ حضرت دائود عليہ السلام جي هٿان مارجي ويو هو. اهو واقعو حضرت عيسيٰ عليہ السلام کان هڪ هزار سال اڳ جو آهي. انهيءَ زماني ۾ بني اسرائيل تي عمالقه جو غلبو ٿي ويو هو، جن اسرائيلين کان فلسطين جو ڳچ حصو کسي ورتو هو. بني اسرائيل تي ان وقت سموئيل نبي حڪومت ڪندو هو، جيڪو نهايت پيرسن هو. بني اسرائيل جي سردارن اها ضرورت محسوس ڪئي تہ ڪو اهڙو بادشاھہ هجي، جنهن جي قيادت ۾ جنگ ڪري سگهجي پوءِ سموئيل نبي حڪم رباني مطابق طالوت کي سندن بادشاھہ مقرر ڪيو. قرآن مجيد ۾ جالوت جو هن طرح سان ذڪر آيو آهي، پوءِ جڏهن طالوت ۽ ان جا ساٿي درياھہ پار ڪري اڳيان وڌيا ۽ جالوت جي لشڪر سان مقابلو ڪرڻ لڳا. آخرڪار ﷲ جي مدد سان انهن ڪافرن کي ماري ڀڄايو، طالوت کي قتل ڪري ڇڏيو“. جتي جالوت سان جنگ لڳي، ان هنڌ کي ’غور‘ چوندا آهن، جيڪو اردن جي هڪ واديءَ ۾ آهي.