جالينوس

جالينوس (حڪيم ):حڪيم جالينوس 95ع ۾ ڄائو. هيءُ يوناني طب جو مشھور حڪيم، طبيب، مصنف، مرض جي تشخيص ۽ جسم جي عضون جي ڄاڻ رکندڙ عالم، جراح ۽ دواساز ٿي گذريو آهي. هيءُ ايشيا ڪوچڪ جي شھر پرگاموٽ ۾ ڄائو. سندس والد بہ وڏو داناءُ ۽ صاحب علم شخص هو. هن جي ابتدائي تربيت پيءُ کان حاصل ڪئي. جالينوس سترهن ورهين تائين مسلسل تعليم پرائي ۽ هر وقت ڪتابن پڙهڻ ۾ مشغول رهيو. تعليم حاصل ڪرڻ بعد هن مصر ۽ روم تائين وڃي وڏن وڏن طب جي ماهرن کان حڪمت جو علم سکيو. ايستائين جو عورتاڻي بيمارين بابت عورت طبيبن کان پڻ ڄاڻ حاصل ڪيائين. سندس خاص خوبي اها هئي تہ هيءُ غريب ماڻهن کان علاج جا پئسا نہ وٺندو هو. هن طب مان توهم پرستي ختم ڪرڻ ۽ طب جي موضوعن تي سوا سؤ جي لڳ ڀڳ ڪتاب لکڻ جھڙا ڪارناما سرانجام ڏنا. يوناني طب جي فن ۾ کيس يونان جي مڙني طبيبن تي فوقيت حاصل هئي. هن دل تي تحقيق ڪندي معلوم ڪيو تہ دل جو کاٻو پاسو، ساڄي پاسي کان وڌيڪ عرصو زندہ رهي ٿو. هن جانورن ۽ انساني جسمن جا ڪيترائي ڪامياب آپريشن بہ ڪيا. هن جو يوناني طب جي سلسلي ۾ خاص مرڪب ’جوارش مرڪب‘ مشھور آهي. ان کان علاوہ بہ هن ڪيترا مرڪب تيار ڪيا. پاڻ 70 سالن جي ڄمار ۾ 165ع ڌاري روم ۾ وفات ڪيائين، سندس وفات کان پوءِ سندس ڪتاب عربيءَ ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿي شايع ٿيا.



لفظ جالينوسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0095.00.00  عيسوي

جالينوس ( حڪيم ) : حڪيم جالينوس 95ع ۾ ڄائو . هيءُ يوناني طب جو مشهور حڪيم ، طبيب ، مصنف ، مرض جي تشخيص ۽ جسم جي عضون جي ڄاڻ رکندڙ عالم ، جراح ۽ دواساز ٿي گذريو آهي


0165.00.00  عيسوي

حڪيم جالينوس؛ پاڻ 70 سالن جي ڄمار ۾ 165ع ڌاري روم ۾ وفات ڪيائين ، سندس وفات کان پوءِ سندس ڪتاب عربيءَ ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿي شايع ٿيا .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مير بزرگ بکري
آريسر پانڌي
عبدالرحمان پيرزادو ميان
حُسين بخش عرف مُڪنو خان
ابو سعيد عبدالڪريم سمحاني
رابرٽ ليچ
علاوالدين
خير محمد کيڙو
چارلس اوليونٽ
شيخ عبدالعزيز قنڌاري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون