جامعي محمد سرور پروفيسر

جامعي محمد سرور پروفيسر

جامعي محمد سرور پروفيسر

جامعي محمد سرور پروفيسر: نامياري ليکڪ پروفيسر محمد سرور جامعي جو جنم، 1906ع ڌاري گجرات جي هڪ ڳوٺ سيڪر مالي ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان پرائي. ان کان پوءِ هن ’آزاد مسلم هاءِ اسڪول‘ مان مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ جامع مليه اسلاميہ دهليءَ مان بي. اي آنرس (عربي ادب) ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم لاءِ ’جامعہ ازهر‘ مصر هليو ويو، جتي ٽن سالن تائين تعليم حاصل ڪندو رهيو. جتان مڪمل ڪرڻ کانپوءِ واپس پنھنجي ملڪ موٽي آيو ۽ ’اخبار زميندار‘ ۾ ايڊيٽوريل لکڻ لڳو. جامعہ مليه ۾ ’تاريخي عربي ادب‘ ۾ استاد جي حيثيت سان مقرر ٿيو. ڊاڪٽر ذاڪر حسين جي هدايت تي 1938ع ۾ مولانا عبيدالله سنڌيءَ وٽ مڪي معظمه هليو ويو، جتي مولانا کان شاھہ ولي جي فلسفي ۽ فڪر تي درس وٺندو رهيو. مڪه معظمه مان جڏهن وطن واپس آيو تہ مولانا عبيدالله سنڌيءَ سان گڏ جامعہ ۾ ’بيت الحڪمت‘ جي نالي سان هڪ ادارو قائم ڪيو، جنهن جو سربراھہ سرور جامعي کي ڪيو ويو. ان اداري جو مقصد شاھہ ولي جي نُڪتن ۽ نظريي کي هندستان ۾ عام ڪرڻ هو. جامعي صاحب 1942ع ۾ لاهور هليو آيو، جتي ’روزنامي احسان‘ جو ايڊيٽر ٿيو. 1943ع ۾ حضرت شاھہ ولي ۽ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي فلسفي کي شايع ڪرڻ سان گڏ مولانا عبيدالله سنڌيءَ تعليمات ۽ شخصيت تي هڪ جامع ڪتاب لکيائين. جامعي صاحب نومبر 1943ع ۾ واپس دهلي هليو ويو، جتي ڪجهہ عرصو رهڻ کان پوءِ 11 آگسٽ 1947ع ۾واپس لاهور آيو. 1948ع ۾ ’روزنامه امروز‘ جاري ٿي تہ ان اخبار جي اهم ماڻهن ۾ فيض احمد فيض، مولانا چراغ حسن حسرت سان گڏ پروفيسر سرور بہ ايڊيٽر طور شامل ٿيو. جلد ئي هن پنھنجي هفتيوار اخبار ’آفاق‘ جاري ڪئي، جيڪا بعد ۾روزاني اخبار ٿي وئي، ان کانپوءِ هيءُ سڌ سماءُ واري کاتي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو، جتان ڪجهہ عرصي کان پوءِ استعيفيٰ ڏئي وري لاهور آيو، جتي سڌ سماءَ واري کاتي ۾ ڊائريڪٽر منتخب ٿيو، سرڪاري نوڪريءَ سان دلچسپي نہ هئڻ ڪري هن اها نوڪري بہ ڇڏي ڏني. 1959ع ۾ پشاور هليو آيو، جتي روزنامه ’بانگ حرم‘ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو، ان دوران اوقاف کاتي پاڪستان طرفان حيدرآباد ۾ ’شاھہ ولي اڪيڊمي‘ قائم ٿي، هن اڪيڊميءَ جي مقصدن ۾ حضرت دهلوي'>شاھہ ولي دهلوي جي فڪري نقطن ۽ نظريي جي اپٽارشامل هئي. ان ڪري کيس اڪيڊميءَ جي رسالي ’الرحيم‘ (اردو) جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو، اڪيڊميءَ ۾ ڪافي عرصي تائين ايڊيٽر جي حيثيت سان تحقيقي ڪم ڪندو رهيو. ان کان پوءِ ڊاڪٽر فضل الرحمان کيس ’فڪر و نظر‘ رسالي جو ايڊيٽر مقرر ڪيو، جتي هن ٻن سالن تائين ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪم ڪيو. ان کان پوءِ ادارہ ثقافت اسلاميہ لاهور جي علمي رسالي ’المعارف‘ جي ايڊيٽر جي حيثيت سان ٽي سال اداري سان لاڳاپيل رهيو. ان اداري ۾ هن ’ارمغان شاھہ ولي ‘ جي نالي سان ڪتاب ترتيب ڏنو، هيءُ ڪتاب قرآني علم جي شاگردن جي لاءِ هڪ تمام گهڻو لاڀائتو آهي. حڪومت پاڪستان جي رسالي ’الزڪوات‘ جو ايڊيٽر بہ رهيو، کيس علمي ۽ فڪري خدمتن جي عيوض حڪومت پاڪستان طرفان ’تمغه امتياز‘ سان نوازيو ويو. هن 20 سيپٽمبر 1983ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1906.00.00  عيسوي

جامعي محمد سرور پروفيسر: نامياري ليکڪ پروفيسر محمد سرور جامعي جو جنم ، 1906ع ڌاري گجرات جي هڪ ڳوٺ سيڪر مالي ۾ ٿيو .


1983.09.20  عيسوي

جامعي محمد سرور پروفيسر کيس علمي ۽ فڪري خدمتن جي عيوض حڪومت پاڪستان طرفان ’ تمغه امتياز ‘ سان نوازيو ويو . هن 20 سيپٽمبر 1983ع تي وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شوپنهار آرٿر
جمال خان
آغا عبدالنبي عليگ
قاسم پٿر
خليفو ميو فقير
پيرزادو حاجي محمد
حافظ شفيع محمد محمدي
علي شير بن مير محمد زڪريا سيد
رضوان واسطي
تميزالدين مولوي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون