جامعہ

جامعہ: عربي ٻوليءَ جو هڪ اصطلاح، جنهن جي معنيٰ خاص مقصد هيٺ ماڻهن يا جماعتن کي گڏ ڪرڻ آهي. موجودہ وقت ۾ هي اصطلاح ’يونيورسٽي‘ لاءِ بہ استعمال ٿئي ٿو. لفظ ’جامعہ‘ جو پهريون ڀيرو استعمال ان وقت ٿيو، جڏهن 1906ع ۾ ”جامعہ مصري جي قيام لاءِ مصر جي ڪن دانشورن هڪ تحريڪ جي ابتدا ڪئي. انهيءَ زماني ۾ اسلامي ملڪن ۾ لفظ ’جامعہ‘ يونيورسٽيءَ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيڻ لڳو، جيئن: هند جي ’جامعہ مليه‘ يا مصر جي ’جامعہ الازهر‘.



لفظ جامعہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو