جامعہ اسلاميہ عربيه دارالفضل هالاڻي: جامعہ اسلاميہ عربيه دارالفضل هالاڻيءَ جو بنياد 1961ع ۾ پيو. هي مدرسو شھر هالاڻي تعلقي محرابپور ۽ ضلعي نوشهري فيروز ۾ آهي. هن مدرسي جو باني سيد پير غلام دستگير شاھہ هو، جنهن پنھنجي مرشد پير حضرت مولانا فضل علي قريشي (مسڪين پور پنجاب) جي حڪم سان هن مدرسي جو بنياد وڌو ۽ نالو بہ مرشد جي مناسبت سان ’جامع دارالفضل’ رکيائين. مدرسي ۾ قرآن مجيد کان حديث تائين ۽ سنڌي، اردو، فارسي ۽ پرائمريءَ کان مئٽرڪ تائين تعليم مفت ڏني ويندي آهي. مدرسي ۾ تقريباً اڍائي سؤ شاگرد ۽ ڏهن کان وڌيڪ استاد آهن ۽ ڇوڪريون اندازاً 50 آهن، عورت استاد بہ رکيل آهن. هن مدرسي ۾ مسافر شاگردن جون بنيادي ضرورتون مدرسي طرفان پوريون ڪيون وينديون آهن ۽ انهن کي وظيفو پڻ ڏنو ويندو آهي. مدرسي ۾ هڪ لائبريري آهي جنهن ۾ هزارين ديني ۽ درسي ڪتاب موجود آهن. مدرسي ۾ ٽي تعليمي هال آهن. هڪ ڇوڪرين لاءِ ۽ ٻہ ڇوڪرن لاءِ. مدرسي ۾ هڪ مسجد آهي ۽ ان ۾ ڪل 26 ڪمرا آهن. مدرسي جا خرچ سالياني ملندڙ عطين، زڪوات، صدقي ۽ قربانيءَ جي کلن وغيرہ مان پورا ڪيا ويندا آهن. هي مدرسو ’جامع وفاق المدارس العربيه‘ جو رڪن آهي ۽ ساليانا امتحان بہ وفاق جي طريقي تحت ڪرايا ويندا آهن. مدرسي مان فارغ ٿيندڙ استاد شھر جي آسپاس جي مسجدن ۾ وڃي پيش امام طور پنهنجا فرض سرانجام ڏيندا آهن. هن مدرسي جو موجودہ مهتمم ڊاڪٽر سيد حافظ نثار احمد شاھہ آهي.