جامع الازهر

جامع الازهر

جامعہ الازهر

جامعہ الازهر: دنيا جي قديم ترين اسلامي درسگاھہ، جيڪا قاهره شھر جي اولھہ ۾ نيل درياھہ جي ڪپ تي موجود آهي. سڄيءَ دنيا جا مسلمان هتي عربي ۽ اسلاميات جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندا آهن. هن وقت هن جامعہ ۾ زير تعليم طالب علمن جو تعداد چاليهن هزارن جي لڳ ڀڳ آهي، جڏهن تہ استادن جو تعداد 1500 کان وڌيڪ آهي. جامعہ جي سالياني آمدني هڪ اندازي موجب هڪ ڪروڙ مصري پائونڊ آهي. هتي شاگردن کان ڪا بہ في وغيرہ نہ ورتي ويندي آهي. هتي درسي ڪتابن جو خرچ ۽ رهائش بہ جامعہ جي ذمي آهي. هتي پروفيسرن ۽ شاگردن لاءِ لباس مخصوص آهي، جيڪو درس ڏيڻ يا وٺڻ وقت پائڻ لازمي آهي. هن جامعہ ۾ تفسير، تصوف، حديث، منطق، لغت ۽ فقہ جي تعليم جي لاءِ الڳ الڳ شعبا قائم ڪيا ويا آهن. هن وقت جامعہ ۾ يورپي زبانن سان گڏ سائنس جي تعليم بہ ڏني ويندي آهي. هن جامعہ جو سنگ بنياد 4 اپريل 970ع تي رکيو ويو. ۽ ان جو باقاعدي افتتاح 22 جون 972ع تي ٿيو. شروعات ۾ هتي اسماعيلي مڪتبه فڪر مطابق ديني تعليم جو انتظام ڪيو ويو هو، پوءِ هي اهل سنت جي مرڪز ۾ تبديل ٿي ويو. هيءَ اٺاسي هزار چورس والن تي پکڙيل آهي. جامع الاظهر ۾ موجود مسجد جا پنج منارا، ڇھہ دروازا ۽ ٽي سؤ سنگ مرمر جا ٿنڀ آهن. جامعہ جو سربراھہ شيخ سڏرائيندو آهي. هن جو اهو ئي عهدو آهي، جيڪو پاڪستاني ۽ ٻين يونيورسٽين ۾ چانسلر جو هوندو آهي. هن وقت هن جامعہ ۾ پاڪستان، ڀارت، انڊونيشيا، افغانستان، عراق، ايران، سعودي عرب، شام، لبنان، روس، آمريڪا، آفريڪا ۽ ٻين ملڪن جا طالب علم زير تعليم آهن.



لفظ جامعہ الازهرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0970.04.04  عيسوي

هن وقت جامعه ۾ يورپي زبانن سان گڏ سائنس جي تعليم به ڏني ويندي آهي . هن جامعه جو سنگ بنياد 4 اپريل 970ع تي رکيو ويو . ۽ ان جو باقاعدي افتتاح 22 جون 972ع تي ٿيو .


0972.06.22  عيسوي

هن وقت جامعه ۾ يورپي زبانن سان گڏ سائنس جي تعليم به ڏني ويندي آهي . هن جامعه جو سنگ بنياد 4 اپريل 970ع تي رکيو ويو . ۽ ان جو باقاعدي افتتاح 22 جون 972ع تي ٿيو .



مذهب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جامع مسجد محمدپور اوڍو
بحيرا
ڀڳتي تحريڪ
سناتن ڌرم
ٿنڀن واري مسجد
چيٽ
جامع مسجد مٽياري
دجال
ڀوڏيسر مندر
آخرت
مذهب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون