جامعہ العلوم اسلاميہ

جامعہ العلوم اسلاميہ: هيءُ مدرسو مولانا محمد يوسف بنوري، نيو ٽائون ڪراچيءَ ۾ 3 محرم 1374ھہ/ 2 سيپٽمبر 1954ع ۾ قائم ڪيو، جيڪو ٿوري ئي عرصي ۾ هڪ وڏو ديني درسگاھہ بنجي ويو. هتي تعليم ۽ تدريس جا مختلف درجا قائم آهن. هتي تصنيف جھڙا اهم شعبا بہ ڪم ڪري رهيا آهن. جامعہ هر مهيني اردو ۾ ’بينات‘ جي نالي سان هڪ رسالو بہ شايع ڪري رهي آهي. جامعہ ۾ استادن ۽ ٻين ڪارڪنن جو تعداد ٻن هزارن کان وڌيڪ آهي، جن ۾ اهڙا استاد بہ آهن جن دنيا جي مختلف يونيورسٽي/ جامعات مان ڊاڪٽريٽ جون ڊگريون حاصل ڪيون آهن. هتي آمريڪا، يورپ، وچ اوڀر ۽ عرب ملڪن جا 700 جي لڳ ڀڳ طالب علم پڙهي رهيا آهن. هتي تجويد ۽ قراءت، درجات، عربيه ۽ تفسير جا اهم شعبا آهن. جامعہ جي قيام جو هڪڙو مقصد عربي مدرسن لاءِ دينيات لاءِ اعليٰ قابليت جا استاد تيار ڪرڻ بہ آهي.





هن صفحي کي شيئر ڪريو