جامعہ حماديه منزل گاھہ: هي مدرسو تاريخي مسجد منزل گاھہ سکر سان ڳنڍيل آهي، جنهن جو بنياد 1006ع ۾ پئجي چڪو هو، ان جو ٻيهر پيڙھہ جو پٿر 1939ع ۾ مسجد منزل گاھہ واقعو ٿيڻ کان پوءِ رکيو ويو. مسجد جي شھيدن جي ايثال ثواب لاءِ مدرسو بہ قائم ڪيو ويو. مدرسي جو مهتمم مير صبح صادق خان کوسو ۽ نائب مهتمم مولانا محمد مراد انڍڙ هاليجوي هو. مولانا انڍڙ جي ولادت 1943ع ۾ هاليجي شريف ۾ ٿي.
جامعہ حماديه طرفان هڪ ديني پرچو ماهوار ’نصيحت‘ جي نالي سان شايع ٿي رهيو آهي، هتي هر سال ديني، اصلاحي ۽ تبليغي ڪانفرنس منعقد ٿيندي آهي.