جامعہ دارالعلوم شرعيه: مختيارڪار آفيس روهڙيءَ ڀرسان موجود هن جامعہ جو قيام 1981ع ۾ عمل ۾ آيو. هن جو باني مير صادق خان کوسو آهي، جڏهن تہ نائب مهتمم مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ آهي، هن جامعہ ۾ مقامي ۽ ٻاهريان شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. هتي درس نظامي جي مڪمل تعليم ڏني ويندي آهي. ان کانسواءِ شاگردن کي فقھ ۾ مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ پڻ تعليم ڏني ويندي آهي. هن جامعہ طرفان نياڻين لاءِ بہ الڳ مدرسو قائم آهي، جتي حفظ، ناظره ۽ درس نظامي جي تعليم ڏني ويندي آهي.