جامعہ مدرسہ اسلاميہ

جامعہ مدرسہ اسلاميہ: هي مدرسو ڪراچيءَ جي مشھور سماجي ڪارڪن ۽ سياستدان سيٺ حاجي عبدالله هارون 1927ع ۾ کڏي، لياريءَ ۾ قائم ڪيو هو. جنهن سان گڏ هڪ يتيم خانو بہ قائم ڪيو ويو هو، جيڪو اڄ بہ موجود آهي. غريب ٻارن جي تعليم لاءِ هن مدرسي بہ ٻين وانگر اهم ڪردار ادا ڪيو. حاجي عبدالله هارون تعليم جي سلسلي ۾ وڏيون ڪوششون ورتيون ، ڪيترائي اسڪول قائم ڪيا. سندس نالي پويان عبدالله هارون ڪاليج اڄ بہ کڏي ۾ موجود آهي. لياريءَ جهڙي پٺتي پيل علائقي ۾ تعليم جي روشني ڦهلائڻ ۾ حاجي عبدالله هارون جو نالو تاريخ ۾ هميشہ سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو.



هن صفحي کي شيئر ڪريو