جامعہ مدرسہ درسيه مجدديه: ڪراچيءَ ۾ ننڍن مدرسن کان سواءِ پهريون باقاعدہ مدرسو صدر بازار ۾ 1872ع ۾ عبدالله درس کوليو هو. هن جي وفات کان پوءِ سندس پٽ عبدالڪريم درس، جيڪو مصر جي جامعہ الازهر مان پڙهيل هو. سنڌ جو مشھور عالمِ دين، قرآن جو مفسر ۽ مشھور سياسي ۽ سماجي اڳواڻ هو، تنهن مدرسي جو انتظام سنڀاليو. هن مدرسي ۾ مصر جي جامعہ الازهر جو ڪورس لاڳو هوندو هو. مدرسي ۾ شاگردن جي کاڌي، پيتي ۽ رهائش جو بندوبست بہ هوندو هو. مدرسي سان گڏ هڪ وڏي لائبرري بہ هوندي هئي، جنهن ۾ هزارين ڪتاب هوندا هئا. ڪراچيءَ جو مشھور عالمِ دين مولانا غلام رسول قادري ۽ حافظ محمد حسين ٺٽوي هن مدرسي جا شاگرد هئا. ورهاڱي تائين هي مدرسو ۽ لائبرري قائم هئا، پر پوءِ حالتن جي گردش ۾ اچي مدرسو بند ٿي ويو. لائبرري ۽ ان ۾ موجود قيمتي ڪتاب نادر قلمي نسخا پوءِ بہ گهڻي عرصي تائين علم جي اڃايلن جي اُڃ اجهائيندا رهيا.