جامعہ مدينة العلوم: پنو عاقل ريلوي اسٽيشن ڀرسان موجود هيءُ مدرسو 1934ع ۾ شيخ ﷲ هاليجوي'>حماد ﷲ هاليجوي قائم ڪيو. 1955ع کان پوءِ حافظ محمد انڍڙ مدرسي جو مهتمم بڻيو، جيڪو 1921ع ۾ هاليجي شريف ۾ پيدا ٿيو. مدرسي ۾ حفظ، ناظره ۽ درس نظامي جي مڪمل تعليم ڏني ويندي آهي. ٻاهريان ۽ مقامي شاگرد هتي وڏي تعداد ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. هي مدرسو لوڙهي واري مدرسي جي نالي سان بہ مشھور آهي، ڇو تہ جنهن جاءِ تي هي مدسو قائم ڪيو ويو آهي اتي لونگ جو لوڙهو هو. هتي هر سال هڪ وڏي ڪانفرنس منعقد ٿيندي آهي.