جامع فرخ مسجد

جامع فرخ مسجد: ارغونن جي دؤر ۾ جيڪي مسجدون ٺٽي ۾ ٺهيون، انهن ۾ سڀ کان خوبصورت ۽ عاليشان مسجد جامع فرخ هئي، جيڪا هڪ ارغون امير، ميرزا فرخ ٺهرائي هئي، جو شاھہ بيگ ارغون جي ڀاءُ احمد بيگ جو پٽ ۽ شاھہ حسن جو سؤٽ هو. مسجد 938ھہ/1531ع ۾ ٺھي. عيسيٰ ترخان جي وقت ۾ 963ھہ/1555ع ۾، گوا جي عيسائين ٺٽي ۾ مسلمانن جو ڪوس ڪيو هو، اهو ان وقت جو وڏو واقعو هو، اهو ظلم جمعي ڏينهن ٿيو هو، جنهن ڏينهن وڏي تعداد ۾ مسلمان مسجدن ۾ نماز لاءِ جمع ٿيا هئا ۽ مٿن حملو ٿيو. انهي جامع فرخ تي بہ حملو ٿيو ۽ سمورا نمازي مسجد ۾ شھيد ٿي ويا. هن مسجد جا شهيد، مسجد جي ٻاهران اترين ديوار سان لڳ هڪ هنڌ دفن ڪيا ويا ۽ ٺٽي جي پنجن ’گنج شھيدن‘ مان وڏي ۾ وڏو ’گنج شهيدان‘ اهو ٿيو، جنهن لاءِ مير قانع جي روايت آهي تہ تيرهن سؤ کان وڌيڪ شھيد منجهس دفن ٿيا ۽ شيخ اعظم جو چوڻ آهي تہ ٻہ هزار شھيد مدفون آهن. هي مسجد تحفة الڪرام لکڻ وقت (1181ھہ/1767ع) ۽ شيخ اعظم جي تاليف ’تحفة الطاهرين‘ (1190ھہ/1776ع) وقت قائم هئي.



هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0938.00.00  هجري

مسجد 938هه/1531ع ۾ ٺهي . عيسيٰ ترخان جي وقت ۾ 963هه/1555ع ۾


1531.00.00  عيسوي

مسجد 938هه/1531ع ۾ ٺهي . عيسيٰ ترخان جي وقت ۾ 963هه/1555ع ۾



مذهب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ذڪري
دجال
تنجور ۾ شِوِ جا مندر
اصحابي
پينگهو2
جامعہ حماديه منزل گاھہ
دين الاهي
آخرت
ريفارميشن تحريڪ
ڌرم شاستر
مذهب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون