جامع مسجد: اها مسجد جنهن ۾ جمعي جي نماز ٿئي. جامع مسجدن ۾ وڌ کان وڌ وسعت جو خيال رکيو ويندو آهي تہ جيئن جمعي، جمعة الوداع ۽ عيدن تي ان ۾وڌ ۾ وڌ نمازي شريڪ ٿي سگهن. دنيا جي سڀ کان پهرين جامع مسجد مديني جي ويجهو مسجد قبا آهي، جتي رسول ﷲ صلي ﷲ عليہ وسلم مڪي کان هجرت کان پوءِ پهريون ڀيرو جمعي جي نماز ادا ڪئي هئي.