جامع مسجد ابوبڪر ماڇي: هيءَ جامع مسجد ڪلهوڙن جي دور جي اهم يادگار مسجدن مان هڪ آهي، جيڪا گنبٽ تعلقي جي ڳوٺ فقير محمد ماڇيءَ جي رهواسي فقير ابوبڪر ماڇيءَ، ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي جي زماني ۾ ٺهرائي. مسجد لاءِ روايت آهي تہ فقير ابوبڪر ماڇيءَ جو پٽ فقير عثمان ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي جي دور ۾ پنھنجي علائقي جو منصبدار هو ۽ حڪومت طرفان کيس ڍل جي وصوليءَ جي ذميواري سونپيل هئي. ڪنهن ڪوتاهيءَ تي ميان غلام شاھہ کي پاراتو ڏنائين، خبر پوڻ تي ميان غلام شاھہ وٽس هلي آيو ۽ اهل ﷲ بزرگ کي راضي ڪيائين ۽ فقير جي اسرار تي ڄاڻايل مسجد جوڙائي ڏيڻ سميت ڳوٺ ڀرسان ناري درياھہ جي ٻوڏ کان بچڻ لاءِ هڪ هزار جريب ايراضيءَ تي محيط قلعو بہ جوڙائي ڏنائين، جنهن جا آثار اڄ بہ موجود آهن. ماڇي ڪنهن وقت ڪلهوڙن جا فقير هئا، جڏهن نادر شاھہ سنڌ تي چڙهائي ڪئي هئي تہ ماڇين ساڻس نوشهري ۾ مزاحمت ڪئي هئي. هيءَ مسجد هينئر بہ آباد آهي ۽ سالم حالت ۾ موجود آهي. مسجد جي طرز تعمير پڻ ڪلهوڙن جي فن تعمير جي نشاندهي ڪري ٿي. چوڪنڊي طرز جي ٺهيل هن مسجد تي اڇو گنبذ آهي ۽ چئني طرفن کان محراب نما دريون ٺهيل آهن. مسجد جي اڳياڙي پانيلن تي بيٺل آهي، جنهن تي محراب نما ونگ ٺهيل آهي، جنهن تي 3 دريون آهن، جن مان وچ واري وڏي ۽ پاسن واريون ننڍيون آهن. مسجد جي ڪانس تي چؤڌاري ڪنگريون نصب ٿيل آهن. مهاڙيءَ ۾ پانيلن جي مٿان ٻہ نيلون لڳل آهن. مسجد جو گنبذ گول آهي، جنهن تي نصب ٿيل ڪنول جي ابتي گل تي پڻ نيل نصب ٿيل آهي. مسجد کي ٻاهرئين طرف کان ونگاوان دروازا آهن، جن تي پڻ ٻہ ٻہ محرابي دريون ٺهيل آهن.