جامع مسجد دهلي
جامع مسجد دهلي: اسلامي طرز تعمير جي هيءَ شاهڪار مسجد مغل بادشاهه شاهجهان 1656ع ڌاري پراڻي دهليءَ ۾ جوڙائي، جيڪا هينئر انڊيا جي ٻيو نمبر پراڻي تاريخي مسجد شمار ڪئي وڃي ٿي. هن مسجد تي پهرين ’مسجد جهان نما‘ نالو رکيو ويو، جيڪا بعد ۾ جامع مسجد سڏجڻ ۾ آئي. هن مسجد ۾ هڪ ئي وقت 25000 نمازين لاءِ گنجائش موجود آهي. هن مسجد ۾ خاص ڪري جمعي ڏينهن ماڻهن جو وڏو تعداد جمعي جي نماز ادا ڪرڻ ايندو آهي، باقي سياحن لاءِ هيءَ مسجد هر وقت کليل هوندي آهي. مسجد جي اترئين دروازي وٽان ننڍيون ڪوٺيون ٺهيل آهن، جن ۾ ڦاڙهي جي کل تي تحرير ٿيل قرآن شريف به رکيل آهي. مسجد مغل طرز تعمير جو نادر نمونو آهي، هن مسجد جي تعمير ۾ 5000 مزدورن حصو ورتو ۽ ڇهن سالن اندر 6 آڪٽوبر 1650 تي مڪمل ٿي. مسجد جي تعمير تي ان زماني ۾ 10 لک روپيا خرچ آيو هو، مسجد جي جملي ڊيگهه 261 فٽ (80 ميٽر) ۽ ويڪر 90 فٽ (27 ميٽر) آهي. مسجد جا گنبذ ڪاري ۽ اڇسري ماربل جا تعمير ٿيل آهن، جن جي مٿئين حصي تي سون جون نيلون لڳل آهن. مسجد جي مکيه ڪنڊن تي مهاڙيءَ وٽ ٻنهي پاسن کان 130 فٽ (41 ميٽر) ويڪرا ۽ ڊگها مينار کڙا ٿيل آهن، جن ۾ ڪل 130 ڏاڪا آهن. هي مينار ڳاڙهين سرن ۽ ماربل جا ٺهيل آهن، جن جي مٿئين ڇيڙي تي سفيد گنبذ نما برجيون ٺهيل آهن. مسجد جي نمازي حجري جو دروازو محراب نما پانيلن تي ٺهيل آهي، جنهن تي خوبصورت نقاشي ٿيل آهي. دروازي جي ٻنهي پاسن ۾ پنج پنج محراب نما دروازا آهن، جيڪي پانيلن تي بيٺل آهن. انهن ۾ پاسن وارا دروازا چار فٽ اوچا ۽ 2.5 فٽ ويڪرا آهن. عبادت واري مکيه دروازي تي ‘The Guide’ جا لفظ اڪريل آهن. مسجد جي ٻنهي پاسن کان گئلريون آهن، جن ۾ به محراب نما دريون آهن ۽ اچڻ وڃڻ لاءِ غلام گردش (ورانڊا) به ڏنل آهي. گئلريون ڇت سان ڍڪيل آهن، مسجد کي اتر، ڏکڻ ۽ اوڀر ۾ ٽي دروازا آهن، جن تي سنگ مرمر جون ڏاڪڻيون ٺهيل آهن. مسجد جي اترئين طرف واري دروازي ۾ 39 ڏاڪا، ڏاکڻين دروازي ۾ 33 ۽ اڀرندي دروازي ۾، جيڪو ٽنهي دروازن جو مکيه لنگهه آهي، 35 ڏاڪا آهن. دروازن جون ڏاڪڻيون مسجد کان ٻاهر قائم بازار ۽ دڪانن ڏانهن وڃڻ ۽ مسجد ۾ داخل ٿيڻ جا رستا آهن. هر روز شام جي وقت اڀرندي دروازي کان پکين ۽ ٻين شين جي بازار لڳندي آهي، جتي وڏي رش متل هوندي آهي. مسجد جي اڀرندي لنگهه وٽ گئلرين ۽ نمازي حجري واري حصي جي وچ تي وڏو اڱڻ آهي، جنهن تي فرش بندي ٿيل آهي، ڪارسرو اڇو ماربل استعمال ڪيو ويو آهي، نمازين لاءِ ڪاري ماربل سان صف بنديءَ جا 899 نشان ڪڍيل آهن ته جيئن نماز وقت سڌيون صفون ٻڌي نماز ادا ڪري سگهجي. انهن نشانن جي ويڪر ½1 فٽ آهي. مسجد جي الهندي پاسي ۾ ڳرا پٿر رکيل آهن، جيڪي مسجد جي پشت جي حفاظت لاءِ نصب ڪيل آهن.
مغل بادشاهه شاهجهان پاران دهلي، آگري، اجمير شريف، لاهور، ٺٽي وغيره ۾ جوڙايل مسجدن مان هيءَ مسجد ٻئي نمبر تي وڏي ۽ خوبصورت هئڻ سان گڏ فن تعمير جو اعليٰ شاهڪار آهي.شاهجهان جي پٽ اورنگزيب 1673ع ڌاري لاهور ۾ بادشاهي مسجد به هن مسجد جي طرز تي ٺهرائي هئي. ايترو طويل عرصو گذرڻ باوجود هن مسجد جي خوبصورتي جيئن جو تيئن قائم آهي ۽ اڪثر سياحت لاءِ ايندڙن جو مرڪز رهي ٿي. مسجد جي حڪومت پاران پڻ بهتر سار سنڀال ٿيندي آهي. مسجد ۾ ٻه اڻ وڻندڙ واقعا پڻ پيش اچي چڪا آهن: 14 اپريل 2006ع تي خودڪش بمبار دهشتگردن پاران بم ڦاڙڻ سبب 30 ماڻهو اجل جو شڪار بنيا. ان واقعي وقت مسجد اندر تقريباً هڪ هزار نمازي جمعي جي نماز ادا ڪرڻ لاءِ موجود هئا ۽ خودڪش حملي وقت عيد ميلاد النبيءَ جو ڏهاڙو به هو، هن ناخوشگوار واقعي پيش اچڻ باوجود مسجد جي عمارت هر طرح سان محفوظ رهي. (2) دهشتگرديءَ جو واقعو 15 سيپٽمبر 2010ع تي ٿيو، جنهن ۾ دهشتگردن مسجد جي ٽئين نمبر دروازي وٽان سرعام فائرنگ ڪئي.
تاريخي لحاظ کان هن مسجد کي هندستان اندر اهم قديم آثارن ۾ شمار ڪيو وڃي وڃي ٿو.