
جامع مسجد مٽياري
جامع مسجد مٽياري: هي عاليشان مسجد جراڙ پوٽا محلي ۽ باقيل پوٽا محلي جي سنگم تي شاهي بازار ۾ واقع آهي . مسجد ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٻہ دروازا آهن . مکيہ دروازو اتر اوڀر ڪنڊ تي آهي . گهٽيءَ جي سطح کان ٿورو مٿڀرو اڳيان ڪمري نما جاءِ وانگر آهي ، جنهن جي مٿان گنبذ آهي . گنبذ جي مٿان ڪوڻيءَ جو ابتو گل ، ان جي مٿان ڪلسو ڏنل آهي . ٻاهريون دروازو ويڪر ۾ 3 ميٽر ، دروازي جي ونگ 1 . 20 ميٽر آهي . مسجد جو ٻيو دروازو ڪجهہ ننڍي اڏاوت سان ڏکڻ اوڀر ڪنڊ وٽ آهي ، جيڪو شھر جي هڪ مصروف بازار ۾ کلي ٿو . مسجد جي اوڀر ۾ ڪشادو ميدان آهي ، جيڪو خوبصورت ٽائيلن سان ڍڪيل آهي .
مسجد جي مهاڙي پنج کُڻي آهي ، هر کُڻ جي مٿان گنبذ واري ڇت آهي ، اندر نمازي حجرو پنجن کڻن ( Bays ) ۾ ورهايل آهي . وچون کڻو سڀني ۾ وڏو آهي . نمازي حجري جي ڪل ماپ 40 . 26 ميٽر ، جڏهن تہ ويڪر 50 . 5 ميٽر آهي . وچين کڻ جي ماپ 10 . 5 ميٽر ۽ ويڪر 50 . 5 ميٽر آهي ۽ وچين کڻ ۾ محراب لڳل آهي . محراب جو وڌاوڙو ٻاهر نڪتل نہ آهي . وچين کڻ جي دروازي جي دنگ جي ماپ 50 . 1 ميٽر ، دروازو ڪاٺ جو اڪر سان 50 . 1 ميٽر ماپ جو آهي ، محراب جي ويڪر 20 . 1 ميٽر ، اوچائي 03 . 3 ۽ محراب جي اونهائي 06 . 1 ميٽر آهي ، وچين کڻ ۾ ممبر بہ ٺهيل آهي ، جنهن کي ٽي ڏاڪا آهن . هر هڪ کڻ کي اولھہ ۾ جارو ( Nitche ) ڏنل آهي ۽ هر کڻ کي ٻاهر صحن ۾ کلڻ لاءِ دروازو ڏنل آهي . اتر ۽ ڏکڻ ۾ خصي ونگ سان جارو ملي ٿو ، جيڪو اندر آهي . نمازي حجرو مستطيل آهي . وڏو لنگهہ وارو دروازو وچين کڻ ۾ اندر چٽن سان آهي . اهي چٽ مٿي گنبذ ڏي هليا وڃن ٿا . اتي فارسي جا ڪجهہ شعر بہ لکيل آهن . محراب ۾ قالب ڪاري ٿيل آهي .
روايتن موجب هيءَ اصل ۾ حويلي هئي ، جنهن جي اتر ۾ شاھہ ڪريم بلڙيءَ واري جي حويلي هئي . علي مراد ٽالپر 1218ھہ / 1803ع هن مسجد جي مرمت ڪرائي هئي . وضو خانو جديد طرز جو ٺهيل آهي . ڀرسان اندر کوھہ بہ آهي ، جنهن تي نئون ڪم ٿيل آهي . هي شاندار مسجد پنهنجين گهڻين وصفن سان موجود آهي ، توڙي جو ڪٿي ڪٿي ان سان هٿ چراند بہ ٿيل آهي .
هيءَ مسجد قديم آهي . هينري ڪزنس هن مسجد جي تعمير جو سال 1218ھہ/1803ع ڄاڻايو آهي . اهو دراصل مسجد جي مرمت جو سال آهي . جيڪا ميرعلي مراد خان ٽالپر حڪمران ٿيڻ کان اڳ ڪرائي هئي ، پر هاڻي اهو ڪتبو ضايع ٿي ويو آهي . محمد عثمان مٽيارويءَ جي لکت موجب شروع ۾ هيءُ مسجد ننڍي هئي ، ان جي اتر ۾ ساداتن جي حويلي هئي ، جتي شاھہ عبداللطيف جو پڙڏاڏو شاھہ ڪريم بلڙيءَ وارو ڄائو هو ، جيڪو حصو بعد ۾ مسجد ۾ شامل ڪيو ويو . اڃا تائين مسجد جي ڏاکڻي ڪنڊ تي شاھہ ڪريم جي نالي جو ڏيئو ٻاريو ويندو آهي .
هن وقت مخدوم محمد عثمان مٽيارويءَ جي خاندان مان حافظ عبدالقدوس هن مسجد جو پيش امام آهي ، جيڪو هن وقت 80 سالن جو ( 2009ع ) عمر رسيدہ بزرگ آهي . شھري هن مسجد جو تمام گهڻو خيال ڪن ٿا .