جامع مسجد ڊاڊدڙي: هيءَ مسجد ڳوٺ ڊاڊدڙي ۾ حاجي ڪريم ڏني اوستي 1883ع ۾ ٺهرائي هئي، جنهن جي ماپ ۽ پکيڙ ناوڙا واري مسجد جهڙي آهي. مسجد کي سنہ 1940ع ۾ اوقاف کاتي وارن پنھنجي تحويل ۾ ورتو آهي. مرمت نہ ٿيڻ سبب مسجد جي حالت زبون ٿي چڪي آهي ۽ هي خوبصورت مسجد تباھہ ٿيڻ تي اچي پهتي آهي.