جامي شيخ احمد جام

جامي شيخ احمد جام: شهاب الدين ابو نصر احمد بن حسين ايران جو مشهور صوفي ۽ عالم احمد جام عرف جامي جي نالي سان مشهور آهي. امام غزالي ۽ نسائيءَ جو همعصر هو ۽ سندس شجرو حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جي پياري اصحابي حضرت جزير بن عبدالله الخلي رضه سان ملي ٿو. سندس رحلت 51 هه/ 671ع ۾ ٿي. شيخ احمد جامي لاءِ مشهور آهي ته باقاعدي ڪنهن کان به تعليم نه ورتي هئائين، بلڪه کيس علم خدا طرفان عطا ٿيو ۽ سندس سڀ تصنيفون ڪشف جي ذريعي مڪمل ٿيون.

شيخ احمد جامي پنهنجي تصنيف ’خلاصته المقامات‘ ۾ لکي ٿو ته: ”منهنجو پير طريقت حضرت امام ضامن و ثامن علي رضا عليه السلام جي پاڪ هستي آهي ۽ اڪثر آءٌ سندن روضي جي حاضري ڀري هيءُ شعر پڙهندو آهيان.“

من غلام قنبرو قنبر غلام حيدر است،

من غلامت راغلامم يا علي موسيٰ رضا.

[آءٌ حضرت قنبر جو غلام آهيان ۽ حضرت قنبر، حضرت امام علي ابن ابي طالب عليه السلام جو غلام آهي. اي مولا علي موسيٰ الرضا! آءٌ تنهنجي غلام جو غلام آهيان.]

شيخ احمد جام عرف جامي پنهنجي وقت جو بينظير عالم هو. حق جي معرفت کان پوءِ ’جام‘ شهر جي ويجهو نامق جي جبلن ۾ گوشه نشين ٿي ويو ۽ صرف عبادت، رياضت ۾ مشغول رهندو هو. ارڙهن سالن جي رياضت کان پوءِ کيس علم لدني (راز وارو علم) جو خزانو عطا ٿيو، جنهن کان پوءِ ڪيتريون تصنيفون قلمبند ڪيائين. سندس تصنيفون قرآن ۽ احاديث نبوي ۽ فضائل آل محمد عليهم السلام تي مبني آهن. خلاصته المقامات ۾ احمد جام لکي ٿو ته ”هيءُ خرقو امير المومنين حضرت امام علي ابن ابي طالب عليه السلام طرفان چوڏهن مشائخ جي ذريعي ابو سعيد ابوالخير تائين پهتو ۽ ابوالخير کان اهو خرقو مون کي عطا ٿيو.“ احمد جام جون ڪرامتون ڪيترن مستند ڪتابن ۾ موجـود آهن. سندس تصنيـفن ۾ هي مشهـور آهـن:

(1) سراج السائرين، (2) خلاصته المقامات، (3) مفتاح النجات، (4) فتوح القلوب، (5) مجاز الحقيقت، (6) ڪنز الحڪمت ۽ (7) ديوان جامي، شيخ احمد جام المعروف جـامي 441 هه/ 1049ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 536 هه/1141ع ۾ رحلت ڪيائين. اهو سلطان معز الدين مسنجر بن ملڪ شاهه سلجوتيءَ جو دور هو.



هن صفحي کي شيئر ڪريو