جانان بيگم: جانان بيگم عبدالرحيم خان ’خان خانان‘ جي زال هئي، جيڪو بھرام خان جو پٽ هو. هوءَ علم ۽ فضل ۾ ڪمال کي پهتل هئي. قرآن شريف جو هڪ تفسير بہ لکيو هئائين. جھانگير بادشاھ، سندس جمال توڙي ڪمال جي تعريف ٻڌي، ساڻس شادي ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، پر بيگم، پنهنجا ڏند ڀڃي ۽ پنهنجا سڀ وار ڪتري، ڳنڍڙي ٻڌي، جھانگير ڏانهن ڏياري موڪليا. بادشاھه سندس مفهوم سمجهي، کيس پاڪدامن ڄاڻي تحسين پيش ڪئي. جان بيگم 1070ھه/1659ع ۾ وفات ڪئي. هيءُ شعر جانان بيگم جو آهي: عاشق ز خلقِ تو پنهان چسان ڪند پيداست از دو چشمِ ترش خون گريستين! [عاشق پنهنجو عشق، خلق کان ڪهڙيءَ طرح لڪائي ٿو سگهي. سندس ٻنهي آلين اکين مان ظاهر آهي تہ هو رت ٿو روئي!]