جانش بھادر ۽ جان بيگ

جانش بھادر ۽ جان بيگ: جڏهن اڪبر بادشاھہ سنڌ تي قبضي ڪرڻ لاءِ مشھور سپھہ سالار عبدالرحيم خانخانان کي مقرر ڪيو ۽ سنڌ ۾ سندس جو لشڪر پهتو، تہ ان وقت ان سان گڏ مير معصوم بکري بہ گڏ هو. سنڌ ۾ ان وقت ميرزا جاني بيگ ترخان جي حڪومت هئي. خان خانان 14 صفر 999ھہ/1590ع تي اڪبر بادشاھہ جي حڪم سان سنڌ لاءِ روانو ٿيو، جنهن جي مادہ تاريخ مولانا فيضيءَ هيٺينءَ ريت ڪڍي: ’قصدتته‘ ھہ اڪبر بادشاھہ خانخانان ۽ مير معصوم کان سواءِ گهٽ ۾ گهٽ پنجاھہ ٻيا نامور امير ۽ جنگي جوڌا سنڌ تي قبضي لاءِ چونڊيا، جن مان سپھہ سالار بھادر ۽ جان بيگ'>جانش بھادر ۽ جان بيگ سر فهرست آهن. جانش بھادر هڪ ئي تلوار جي وار سان ڪيترن ئي ماڻهن جا سر قلم ڪري سگهندو هو. جان بيگ لاءِ مشھور هو تہ هو گهوڙي جي رڪابن تي پير رکي بيهي وڙهندو هو يا وري زمين تي لھي وڙهندو هو.


لفظ جانش بھادر ۽ جان بيگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو