
جانور
جانور ۽ سندن پوڄا (Animals & Animal worship ):ننڍن وڏن جانورن (Animals) جا دنيا ۾ 20 لک قسم ٻڌايا وڃن ٿا. زمين توڙي زير زمين ۽ پاڻيءَ ۾ رهندڙ جانورن جي جسامت 0.05 ملي ميٽر کان وٺي 100 فوٽ کان بہ ڊگهي وهيل مڇيءَ جيتري دريافت ٿي آهي. ان کان سواءِ ماهرن طرفان لکين سال اڳ قديم ۽ بي انتها وڏي جانور ’ڊائناسور‘ جا نشان ۽ ان جا پنڊ پھڻ ٿيل ڍانچا ۽ پيرن جا وڏا نشان بہ دريافت ڪيا ويا آهن.
جانورن جي حياتياتي علم کي انگريزيءَ ۾ ’زولاجي‘ سڏيو وڃي ٿو، ٻوٽن ۽ فنجائي وانگر جانور بہ لاتعداد خلين واري جسامت رکن ٿا، پر ڪيترن ئي معاملن ۾ جانور، ٻوٽن کان مختلف آهن. ٻوٽا سڌو سنئون سج جي روشنيءَ مان توانائي حاصل ڪن ٿا، جڏهن تہ جانور زندھہ شيون يا انهن جي مردہ باقيات کائيندا آهن. جانورن جي حياتيءَ جو عرصو ٽن هفتن کان وٺي هڪ سئو سال تائين ٿئي ٿو.
جانورن جي سائنسي درجي بنديءَ جو آغاز ارڙهين صديءَ ۾ ٿيو.
هڪ اندازي موجب انسانن اڄ کان 12 هزار سال اڳ جانورن کي ڌارڻ شروع ڪيو ۽ انهن کي پالتو يا گهريلو جانور بڻايو، سڀ کان پهريون پالتو (ڌاريل) جانور ’ڪتو‘ سمجهيو وڃي ٿو. ان بعد گهوڙن، اٺن ۽ ٻلين وغيرہ پالڻ جو رواج پيو.
جانورن جي قسمن ۾ (1) ڪرنگهي ۽ بنا ڪرنگهي وارا جانور، (2) گوشت خور جانور، (3) گاھہ کائيندڙ جانور، (4) پکي، (6) چمڙا، ۽ (7) سرڻا وغيرہ اچي وڃن ٿا. مختلف جانورن جو احوال، انهن جي نالن ۽ گروپن سان انسائيڪلوپيڊيا جي مختلف جلدن ۾ شامل آهي، ان ڪري هتي تفصيل نہ ٿو ڏجي.
جانورن جي پوڄا(Animal Worship):جانور جيئن تہ قدرت جي بيمثال مظاهر جو نمونو آهن، تنهنڪري ابتدائي انسان نہ فقط انهن کي پاليو ۽ نپايو، پر ڪائنات ۾ انهن جي وجود جي اهميت کي محسوس ڪندي، انهن جي پوڄا بہ ڪرڻ شروع ڪئي. سنڌو ماٿر ۾ اڃا تائين انهيءَ تاريخي دور جا ڪجهہ تسلسل ڪن ذاتين ۽ قبيلن ۾ هلندڙ آهن.
وڻن جي پوڄا وانگر جانورن جي پوڄا بہ هڪ پراڻي رسم آهي، جنهن جو گهڻو ڪري هر ملڪ ۾رواج هو. سنڌو ماٿريءَ ۾ حيوانن جي پوڄا جو رواج وڻن جي پرستش کان وڌيڪ هو، ان جو ثبوت مهرن تي اڪريل جانورن جي تصويرن ۽ مٽيءَ ۽ پٿر جي ٺهيل جانورن جي بوتن مان بہ ملي ٿو. اهڙا جانور، جن جو هڪ حصو ٻڪريءَ يا دنبي جو ، ٻيو اڌ ڍڳي جو ۽ منهن ۽ مٿو انسانن جهڙو آهي، تن کي خيالي يا ڏند ڪٿائي جانور چيو وڃي ٿو. سُمير ۾ شينهن جي جسم ۽ انساني شڪل وارا جانور، مصر ۾ انساني جسم ۽ جهرڪي يا بگهڙ جي منڍيءَ وارا جانور مذهبي حيثيت رکندا هئا. موهن جي دڙي مان لڌل هڪ مھر تي عجيب و غريب جانور جي تصوير نڪتل آهي. هن جانور جا ٽي مٿا آهن. هڪ مٿي تي سانھہ جا سڱ اٿس، ٻئي مٿي تي هرڻ جا ۽ ٽئين مٿي جا سڱ بجاءِ اندر مڙيل هئڻ جي ٻاهر مڙيل اٿس. هن جانور جو جسم ۽ کُر ڍڳي جا آهن. اهڙي قسم جون ٽي سسيون هڪ ٻي مھر تي بہ اڪريل آهن. هڪ مھر تي شينهن جون ٽي سسيون نڪتل آهن. ٿي سگهي ٿو تہ انهن ٻنهي مُهرن جي تصوير جو پاڻ ۾ ڪو تعلق هجي. هڪ ٻي مھر تي اڌ انسان ۽ اڌ ڍڳي جهڙي جانور جي تصوير اُڪريل آهي جيڪو شينهن تي حملو ڪري رهيو آهي. اهڙي قسم جي جانورن جون شڪليون سمير مان بہ لڌيون ويون آهن. هڪ مھر تي اهڙي جانور جي شڪل نڪتل آهي، جنهن جو منهن ماڻهوءَ جهڙو، سونڍ ۽ ڏند هاٿيءَ جهڙا، سڱ ڏاند جا ۽ جسم جو اڳيون حصو گهيٽي جو ۽ پويون حصو شينهن جهڙو اٿس. هڪڙي ٻيءَ مھر تي وري پپر جي وڻ مٿان ٻن شاخن جي وچ ۾ هڪ سڱ واري ڍڳي جون سسيون نڪتل ڏسڻ ۾ اچن ٿيون.
هندو ڌرم ۾ ڳئون کي پوِتر سمجهيو ويندو آهي. ٻين قسمن جي جانورن ۾ هڪ سڱا ڍڳا آهن، جن جون شڪليون ڪيترين ئي مهرن تي چٽيل آهن پر اهڙي قسم جي جانورن جو وجود ڪٿي بہ ثابت ڪو نہ آهي. ڪن مهرن ۾ تہ ان جي ڳچيءَ ۾ پٽا ۽ ماهنڊ وڌل ڏيکاريل آهن. قدرتي جانورن ۾ ڪونهين واري ڍڳي، گينڊي، بنا ڪونهين جي ننڍن ننڍن سڱن واري ڍڳي، شينهن ۽ هاٿيءَ جون تصويرون گهڻي تعداد ۾ نڪتل آهن. انهن جانورن مان سانھہ، گينڊي ۽ شينهن جي سامهون ڪونر رکيل آهن. ڪن مهرن ۾ هاٿيءَ جي سامهون بہ ڪونر رکيل آهي، پر ڪن ۾ وري نہ بہ آهي. بنا ڪونهين جي سڱن واري ڍڳي جي سامهون ڪونر رکيل ڪونهن، اهي ڪونر شايد انهن جانورن وٽ خوراڪ جي ڀيٽا ڏيڻ جي خيال کي ظاهر ڪن ٿا. انهن کان سواءِ گهيٽا، سوئر، ڪتا، ڀولڙا، رڇ، سيهڙ ۽ نوريئڙا بہ دريافت ٿيا آهن، پر مهرن تي انهن جون تصويرون چٽيل نہ آهن، انهن جا مجسما ٽامي جي ٿانون ۽ پليٽن تي نڪتل آهن يا وري مٽيءَ جا ٺهيل آهن. ائين ٿو ڏسڻ ۾ اچي تہ اهي ٻارن جا رانديڪا هئا، انهن کان سواءِ مٿي بيان ڪيل ٻين جانورن جي حيثيت ٿوري گهڻي طلسمي ٿي لڳي. مهرن تي اُڪريل انهن جا نقش گهڻو ڪري هر گهر مان لڌا ويا آهن. گمان آهي تہ هر دور ۾ ڪنهن نہ ڪنهن روحاني پيشوا يا ديوتا لاءِ ڪو جانور سواريءَ لاءِ مخصوص ڪيل هوندو، جنهن کي ٻين جانورن تي فوقيت حاصل هوندي.