جانڻ سونارو: جانڻ ولد خانڻ سونارو پنھنجي وقت جو سٺو عوامي شاعر ٿي گذريو آهي. هن دادو شھر ۾ 1892ع ڌاري جنم ورتو. سندس مادري زبان سرائڪي هئي، هن جي شاعري سنڌيءَ ۾ آهي، جنهن ۾عربي ۽ فارسي لفظن ۽ محاورن جو جوڳو استعمال ٿيل آهي. ڪلام جو ڪافي حصو مذهبي رنگ ۾ آهي. سندس ڪلام وقت جي نامور ڳائڻن: استاد عاشق علي خان، استاد الهڏني نوناريءَ، مائي جيوڻيءَ ڳايو. سندس ڪلام رڪارڊ بہ ٿيا، جيڪي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي ميوزڪ لائبريريءَ ۾ موجود آهن. عمر جي پڇاڙيءَ ۾ هن جي صحت ٺيڪ نہ رهي ۽ 1950ع ڌاري اکين کان وڏو ۽ ڪنن کان گهٻرو ٿي پيو. بهرحال زماني جي ڦيرين گهيرين ڪري اباڻو ڳوٺ ڇڏي، سنڌو درياھہ جي اوڀرندي پاسي شاهپور جھانيان کان ٿورو پرڀرو ’انگڙي ڳوٺ‘ ۾ وڃي مائٽن جي پاڙي ۾ رهيو، جتي سندس نياڻي پرڻيل هئي. اتي ئي 70 سالن جي عمر ۾ 1952ع ڌاري وفات ڪيائين ۽ کيس ڀرواري قبرستان ۾ دفنايو ويو. هن سرائڪي ڪلام بہ چيو ۽ اردوءَ ۾ بہ طبع آزمائي ڪئي. سندس ڪلام ٽڙيل پکڙيل صورت ۾ ڪجهہ لکيل ۽ ڪجهہ برزبان ملي ٿو.