جان آباد (Janabad): هيءُ ماڳ زوب، ڪوئيٽا روڊ جي ميل پٿر نمبر18 کان 700 وال فاصلي اولھہ ۾ واقع آهي. هي دڙو قطر ۾ 18 فوٽ، اوچائي۾ 20 فوٽ آهي. هن دڙ ي کي ٽريڪٽرن ذريعي پوکيءَ لاءِ سڌو ڪيو ويو آهي. هن وقت دڙي جو ٿورو ٽڪر باقي بچيو آهي. مٿاڇري تان ڪابہ ثقافتي وٿ نہ ٿي ملي. ٿورو کوٽڻ سان ٺڪراٺو ملي ٿو. ٺڪر ۾ پيالن، نادين، ٿالهين وغيرہ جا ٽڪرا مليا آهن. ٺڪر سنهو، پيلي يا ميٽوڙي پٽي سان آهي، جنهن کي سينگار لاءِ ڪارا ليڪا بہ ڏنا ويا آهن. ٺڪراٺو منعقش آهي، جنهن تي مڇي وڻن جي ٽارين ۽ پنن جون شڪليون نڪتل آهن. ٺڪراٺو فيض محمد (خاڪي تي ڪارو) ثقافتي ٺڪراٺي سان ملندڙ آهي. اهو دور مھر ڳڙھہ جي ٽئين، چوٿين، پنجين، اٺين الف، ۽ ستين ب جي دور وارين وٿن سان ڀيٽي سگهجي ٿو. کوٽائي نہ ٿي آهي. جيئن تہ دڙي سان هٿ چراند تمام گهڻي ٿي رهي آهي، ان لاءِ قوي امڪان آهي تہ ايندڙ وقت ۾ دڙو پنهنجو وجود برقرار رکي نہ سگهندو. هيءُ ماڳ چوٿين سهسر ق.م يعني اوائلي سنڌو تھذيب واري دور جو ليکيو وڃي ٿو.