جان بابا ترخان جو مقبرو

جان بابا ترخان جو مقبرو

جان بابا جو مقبرو

جان بابا جو مقبرو: جان بابا جو مقبرو مڪليءَ ۾ آهي. مرزا عيسيٰ خان اول کي (1) محمد صالح، (2) سلطان ابراھيم، (3) مرزا جوھر، (4) مرزا سليمان، (5) مرزا زاھد، (6) مرزا باقي، (7) مرزا ناصر ۽ (8) مرزا جان بابا نالي پٽ ھئا، جن مان جان بابا سڀني کان ننڍو ھو. کيس سندس ڀاءُ مرزا باقي 978 هه/ 1750ع ۾ قتل ڪرائي ڇڏيو. کيس ھڪ پٽ ھو، جنھن جو نالو مير عيسيٰ ھو. جنھن عيسيٰ ثاني جي نالي سان ترخان دور ۾ نالو ڪڍايو. جان بابا جو مقبرو انهيءَ عيسيٰ ثاني 1017 ھه/ 1608ع ۾ جوڙايو، جيڪو مرزا باقيءَ جي اُن زال مان هو، جيڪا سمن مان هئي.

ھن مقبري ۾ ڪل 13 قبرون آھن، جن ۾ اڪثر اھي مقتول دفن آھن، جن کي مرزا باقيءَ مارايو ۽ مارائڻ بعد ڀانئجي ٿو ته مرزا جان بابا ۽ ٻين مقتولن کي ترخاني گورستان کان بلڪل علحده جدا جاءِ تي پورايو ويو هو. موجوده مقبرو خوبصورتيءَ ۽ اڪر جي ڪم سبب پنھنجو مٽ پاڻ آھي. مقبري جي اڳيان ٿلھي تي ڇتائون ڍَڪ (Portico) آھي، جنهن جي وڌاوڙن، پاسي ۽ درن وغيره تي گجراتيءَ ۽ سنڌي عمارت سازيءَ جو اثر نظر اچي ٿو. سمورو مقبرو مقامي پيلي پٿر کان وٺي اُڪر جي ڪم تائين سنڌي ثقافت جو آئينه دار آهي. هن مقبري ۾ ڪم آيل گچ گارو، پيلي پٿر وانگر مقامي آهي. هي مقبرو چوڪنڊو آهي، جنهن جي اندران ماپ 48x34 فوٽ آهي. اندر مرڪزي ٿلھي مٿان ڇت تي گول گنبذ آھي، محراب ۽ داخلي دروازي جو نقشو لاجواب آھي. خود احاطي جي ديوارن تي چوڌاري نقش ۽ نگار آھن، جيڪي ھڪ ٻئي کان مختلف مرڪزي ٿلھي تي ست قبرون آھن، باقي قبرون ٿلھي کان ھيٺ آھن.

ان کان سواءِ ھڪ واڌاوڙو حجرو 25.6x20.2 فوٽن جو بعد جو شامل ڪيل آھي، جيڪو ڏکڻ طرف آھي. پر ان واڌاري جي اڏاوت اھڙي نموني ٿيل آھي جو اصل جو گمان ٿئي ٿو ته شايد اھو رٿيل ئي ائين آھي. لنگھه ڏکڻ طرف اٿس. اتر- اوڀر واري ڪنڊ ۾ زناني قبرستان جو احاطو آھي. نئين اڏاوت سميت سمورو مقبرو ھڪ ٿلھي تي ٺھيل آھي. ھينئر صرف ٻارنھن پيل پاون تي بيٺل آھي، جنھن مان 8 پيل پاوا ويڪرائيءَ ۾ ۽ 4 پيل پاوا ڊگھائيءَ ۾ استعمال ٿيل آھن. پيل پاون تي نقش اڪريل آھن. گنبذن جو تعداد ٽي آھي، اھي به گجراتي طرز جا لڳن ٿا، پر غور ڪبو ته انھن تي سنڌي عمارتگري ۽ ثقافت جي اڪر آھي. اھي گنبذ ڪل 24 پيل پاون تي بيٺل آهن. سڄي تعمير مٿي ٿلهي تي بيٺل آهي ۽ ڏيڍي به ساڳي وڌايل ٿلهي تي ٺاهي ويئي آهي. ٿلهي جو اهو حصو اوچائيءَ ۾ ٻئي ٿلهي جيترو آهي، اڄ سڄي وڌايل ٿلهي تي اُڪر نظر ڪا نه ٿي اچي. ٿنڀن جون ٻه آخري قطارون هٽايون ويون آهن. سڀني ٿنڀن مان باقي ٻارهن بچيل آهن. ٽي منڍي واري پاسي ۽ چار لام واري پاسي ۾ آهن. اهي سڀ ٿنڀا ٻُسا ۽ هم چورس آهن، پر مٿي تاج وٽ ماکيءَ جي مانارن جهڙي اڪر ڏسجي ٿي. بنيادن کان مٿان ڀتين جو ٻاهريون پاسو پيٺل نموني ونگن سان خانا هڻي سينگاريو ويو آهي. هر هڪ خاني جي شڪل چؤڪنڊي آهي. فرش جي سنوت کان وٺي ونگدار خانن جي تري تائين، ٻاهرئين پاسي واريءَ ڀت تي اُڪر ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جنهن ۾ هيٺئين پاسي ڏندي وچ ۾ آکڙي طرز ۽ مٿان لڏڪڻا رکيل آهن. هن قسم جي اُڪر جي طرز ڏيڍيءَ جي اوڀارئين حصي کي ڇڏي باقي ڀت جي ٻاهرئين پاسي کان چوڌاري ڦري اچي ٿي، پر ٻئي پاسي کان ونگون ۽ خانا ڪو نه آهن. ڏاکڻي در واري لنگهه مٿان چؤڪنڊو سر در (Lentil) آهي. جنهن جي چٽساليءَ جو نمونو بلڪل سنڌي طرز جو آهي. اهو ڀت کان مٿي اوچو ۽ چؤڪنڊي شڪل صورت ۾، وچ تي ڏاڪا، سامهون گهوڙين سان ٺهيل ڇڄو اٿس. ڇڄي جي ٻاهرئين پاسي هيري ڪڻ طرز جي چٽساليءَ جي قطار آهي. اوچي سردر مٿان تاج وانگر ڪنگرن جي قطار هنئي وئي آهي. هر هڪ ڪنگري مٿان ستارو اُڪريل آهي. اهڙا ڪنگرا کاٻي پاسي کان ڪجهه بچي ويا آهن. محراب جي ان اڏاوت جي ڏاکڻي مهاڙي، اڪيچار قسمن جي اڪير واري چٽساليءَ سان سينگاريل آهي. انهن ۾ مکيه ۽ اهم چٽساليءَ جون طرزون ونگ وارن خانن ۾ آکڙي نموني چٽيل آهن. منجهس گلاب جي تصوير اُڪريل آهي. اهڙي قسم جي اُڪر پاسي وارين ڀتين تي به ڏسي سگهجي ٿي. ٻين پاسن وارين ڀتين جي اُڪرن جا نمونا به ساڳي قسم جا آهن، در جي چانئٺ ۾ گول چنڊ جي پٿر (Moon Stone) تي ۽ مٿي سردر تي چؤرس داٻڙيءَ تي مهندسي (Geometrical) چٽساليءَ جي وچ تي لهريدار گلن جون تصويرون آهن. هن چؤڪنڊي اڏاوت جي اندرئين پاسي جي اُڪر، مٿئين اولي جي ڀت کان وٺي در جي سڌائيءَ وارن ونگن وارن خانن تائين ڏاڍي سجايل آهي. محراب اولهندي واري ڀت ۾ آهي. ٻنهي پاسن کان ونگايون دريون اٿس. سٽاءَ ۾ اڌ اٺاس آهي، جيڪو چئن ونگن جي قطار ۽ ٽن ناليسرن جي هيٺان آهي. مقبري جو هيءُ حصو سڀ کان وڌيڪ خوبصورت آهي. ساڳيءَ ريت ٻاهران به محراب کي گهڻي کان گهڻو سينگاريو ويو آهي. محراب تي چٽسالي واري اُڪر واضح ۽ فطري آهي. محراب جي ٻاهرئين پاسي سامهون سنڌي طرز جا ٻه پاوا آهن، ٻه گهوڙيون به جڙيل نظر اچن ٿيون. گهڻو ڪري اهي ڏيئن رکڻ لاءِ ڏياٽيءَ طور بنايون ويون هونديون. پاون جا بنياد چؤرس آهن. مٿن مانڌاڻي نشانن جي اُڪر آهي. پاون جا مٿيان پٿر اٺاس شڪل جا آهن. اُڪر جي لحاظ کان ان کي اڃا به ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. يعني پائي جو پٿر وچ تي هم چورس ۽ پاسن کان اٺاس آهي. هر هڪ اٺاس پاسو زنجيريءَ جي اُڪر وارن چٽن سان سينگاريل آهي. مٿان تاج رکيل اٿس. محراب جي اندرئين ونگ کي اندرئين پاسي کان ڏندڙي لڳل آهي ۽ هيٺان گول دائرن تي اوڀڙ جي چترڪاري آهي. ونگ جي نُڪرن ۾ گل اُڪريل آهن. منجهس ترخاني قسم جي چِٽ جي پڻ جهجهائي آهي. اهو خانو چؤڪنڊي ورن تي ڏياٽيءَ جي چوڌاري ڦري اچي ٿو. مٿانئس چؤرسن جي هڪ قطار آهي، جن ۾ گلن جون تصويرون اُڪريل ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ٻيءَ ڏندائين ونگ جي ونگڙ ۾ گڏوچڙ طرز جي لڙهه بڻيل آهي، هڪ چؤڪور ٻاريءَ ۾، گل جي اُڪرن سان گڏ چؤرسا به آهن. ان کان پوءِ ونگن جون قطارون آهن. پهرين قطار ۾ چؤرس گل اڪريل آهن، ٻي قطار ڏياٺن وٽان اڀري ٿي، جيڪا اڌ گولن تي مشتمل آهي. هندي اڏاوتي طرز وارن مندرن ۾ اهڙي قطار ۾ هنج پکيءَ جون تصويرون اُڪريل هونديون آهن، پر هتي اهڙي قسم جي ڪا به تصوير موجود ڪا نه آهي. موجوده قسم جي ونگ سنڌي ورن جي آهي. ٽئين ونگ اوڀڙ واري طرز سان آهي ۽ گول دائري واري پانيل تي مشتمل آهي. انهن ورن جون ونگون وري به چؤڪنڊي ٻاري ۾ موجود آهن، ونگ جي نُڪرن تي گول گلن جي تصوير اُڪريل ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اوڀڙ جي هڪ ڳتيل طرز واري چٽسالي پڻ نظر اچي ٿي، جنهن جو نمونو آکڙي آهي، جنهن ۾ اندر گول دائرا آهن. هر هڪ جي وچ تي هڪ نقطو آهي، جيڪي هڪٻئي کي ڪپين ٿا. آخري پٽي چؤڪنڊي بيهڪ جي آهي، جيڪا ور وڪڙ شڪل واري گهوڙيءَ وٽان شروع ٿئي ٿي ۽ اولي جي صورت ۾ اڳتي وڌندي وڃي ٿي. فرش جي سنوت ۽ پيڙهه وارن بارن کان وٺي مٿي آکڙي ورن جون ونگون آهن. هيٺان آکڙي صورت سان لڙڪندڙ ڦلو آهي. ڪنڊن تي گول گلن جون ننڍيون تصويرون اُڪريل آهن. تنهن کان پوءِ هڪٻئي کي ڪپيندڙ گول دائرن جي قطار آهي. ان کان پوءِ گلن جي اُڪر جي قطار اچي ٿي. مٿيون ٻه قطارون سينڌ ونگ اندر آکڙي ورن جون اُڪرون ڏيکارين ٿيون. وچ واري وٿيءَ ۾ اوڀڙ طرز جي چٽن جي گهڻائي آهي. محراب کي اندرئون سينگارڻ جو طريقو ڄام نظام الدين جي محراب ۾ ليٽيل سنوت جي اُڪر جيان آهي ۽ گجرات جي مسجد واري نموني کان مختلف آهي، جن تي عام طور تي هڪ لڙڪيل طرز يا وچ تي گل جي تصوير اُڪريل هوندي آهي. اهڙيءَ ريت مرزا جان بابا جي مقبري جي ڀر واري مسجد جي اڏاوتي طرز نج سنڌي آهي ۽ آرائش ۾ وري اها ترخاني طرز سان به واسطو رکي ٿي. اولاهين ڀت ۾ ٻاهرين پاسي محراب جي مٿان چؤڪنڊي اڏاوت ڪئي وئي آهي، مٿس چٽسالي تمام جهجهي آهي. محراب جو هيءُ وڌاوڙو ڪاريگرن جي هنر ۽ ڪاريگريءَ جو مرڪز بڻيل آهي. اولي واريءَ ڀت مٿان وڌاوڙي وارو مٿاڇرو اوڀڙ طرز جي چٽساليءَ سان ڀريو پيو آهي. هتي ونگن وارن خانن ۾ آکڙي قسم جي طرز واري اُڪريل چٽساليءَ جو ورجاءُ ڪيو ويو آهي. اُڪر اهڙيءَ ريت ڪيل آهي جو هڪ انچ به چٽ کان واندو ڪو نه آهي. ان آکڙي اُڪر جو اندريون ۽ ٻاهريون پاسو اوڀڙ جي نئين طرز جي چٽن سان ڀريل آهي، تنهن کان بعد هڪ لڙهه جي صورت ۾ جهالردار ونگن جو سلسلو آهي، جيڪو ور وڪڙ کائيندو اڳتي نڪري وڃي ٿو ۽ انهن ورن ۽ وڪڙن اندر ڪيترن ئي قسمن جون اُڪرون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. دروازي جي چؤڪاٺي جون ٻانهيون اليڪي سنجٽ سان سينگاريل آهن. ائين جيئن اهي آکڙي اُڪرون اولهه واري ڀت تي اڀي نموني چٽيل آهن، جيڪڏهن کين پاسي کان ڏسجي ٿو ته ليٽيل سنوت ۾ نظر اچن ٿيون. اهڙيءَ ريت ان جي وَٽ واري اُڪر سان ڏاڍو سٻنڌ آهي. هيءُ وڌاوڙو محراب مٿان چؤڪنڊي اڏاوت کان اوچائيءَ ۾ ڪجهه ننڍڙو آهي. سندس اولهندي مهاڙي آکڙي ونگن وارين طرزن سان سينگاريل آهي ۽ منجهس وچ تي گل جي تصوير چٽيل آهي. ان قسم جو سلسلو ليٽيل اُڪر واري طرز ۾ مٿي ۽ هيٺ وارين قطارن اندر ڏسي سگهجي ٿو. محراب جي پٺ جي مٿاڇري تي ٿيل اُڪر واري چٽساليءَ جي گهڻائي نظر اچي ٿي.


لفظ جان بابا جو مقبروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو