جان بابا مرزا ترخان

جان بابا مرزا ترخان: مرزا جان بابا ترخان، مرزا عيسيٰ بيگ ترخان اول جو پٽ، مرزا باقي ترخان جو ڀاءُ ۽ مرزا عيسيٰ بيگ ثانيءَ جو پيءُ هو. مرزا عيسيٰ اول جي هن پٽ مرزا جان بابا جي ڄمڻ جو سن معلوم نہ آهي. مرزا عيسيٰ اول پنهنجن پٽن مان وڏي پٽ مرزا صالح ترخان کي وليعهد مقرر ڪيو. مرزا جان بابا پنھنجي ڀاءُ مرزا صالح سان گڏ هو پر 967 ھہ/ 1559ع ۾ مرزا محمد باقي پنھنجي پيءُ ۽ ڀائرن سان سرڪشي ڪري بغاوت ڪئي ۽ جنگ ڪيائين، پر شڪست کاڌائين. جلد ئي مرزا صالح کي هڪ غلام، مريد بلوچ قتل ڪري ڇڏيو، جنهن کان پوءِ مرزا عيسيٰ مرزا جان بابا کي ولي عھد مقرر ڪيو، پر جڏهن مرزا عيسيٰ وفات ڪئي تڏهن ماھہ بيگم جي سازش جي ڪري تخت تي مرزا باقي ويٺو. 975ھہ/1567ع ۾ مرزا جان بابا، جيڪو مرزا عيسيٰ ترخان جو وليعهد هو، ان حڪومت جي دعويٰ ڪئي ۽ هر طرف کان لشڪر جمع ڪري اچي ٺٽي پهتو. جنگ لڳي ۽ مرزا جان بابا شڪست کاڌي. آخرڪار انهيءَ نبيري لاءِ 978ھہ/ 1570ع ۾ سيد علي شيرازيءَ وچ ۾ پئي صلح ڪرايو ۽ مرزا محمد باقي مرزا جان بابا ۽ يادگار مسڪين ترخان کي ملازمت جي بهاني سان پاڻ وٽ سڏائي بيگناھہ شھيد ڪري ڇڏيو. مرزا جان بابا جي وفات تي چيل قطعه تاريخ هن ريت آهي: هاتف از گيب گفت تاريخش
R>طرح ميه است يا يکي تاريخ <>’جان بابا ز دار دنيا رفت‘ b978 ھہ


هن صفحي کي شيئر ڪريو