جان شير خان

جان شير خان

جان شير خان

جان شير خان: اسڪواش راند جو مشھور رانديگر، جان شير خان 1969ع ۾ پشاور ڀرسان ڳوٺ نوان ڪلي ۾ پيدا ٿيو. جتان هاشم خان، اعظم خان، روشن خان ۽ جھانگير خان جھڙا عالمي شھرت يافتہ اسڪواش جا چيمپين اڀريا آهن.
جان شير خان اٺن سالن جي عمر ۾ ئي اسڪواش جي ميدان تي لٿو. سينگاپور اوپن چيمپيئن شپ، ملائيشيا اوپن چيمپيئن شپ، عالمي چيمپيئن شپ کٽيائين ۽ ڪيترن سالن تائين هن اسڪواش جي دنيا تي راڄ ڪيو آهي ۽ ناقابلِ شڪست فاتح رهيو آهي.


لفظ جان شير خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو