جان محمد بلوچ

جان محمد بلوچ

جان محمد بلوچ

جان محمد بلوچ: نامور تعليمدان جان محمد بلوچ 17 جنوري 1931ع تي ڳوٺ عاقل، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ڳوٺ عاقل مان ۽ سنڌي فائينل پهرين پوزيشن سان لاڙڪاڻي کان حاصل ڪئي. 1950ع ڌاري تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد ٿيو ۽ سڄي عمر تدريس جي شعبي سان لاڳاپيل رهيو. 1985ع ۾ رٽائر ٿيو. هو پنھنجي تر ۽ ڳوٺ جي سڀ کان پهرين ٻن استادن مان هڪ هو. استاد جان محمد بلوچ سنڌي ٻوليءَ جي نرالي انداز رکندڙ شاعرزيب عاقلي’ جو انتهائي ويجهو ۽ پيارو شاگرد رهيو. هن ضلعي جي مختلف اسڪولن ۾ نائب استاد ۽ هيڊماستر طور، پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. جنهن دوران هو سنڌ جي اڳوڻي تعليم واري وزير ۽ سياستدان نثار احمد کهڙو، سنڌ جي سياسي ۽ مذهبي اڳواڻ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو، سنڌ جي معاشي ماهر ۽ مهراڻ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي پروفيسر مشتاق ميراڻي، اديب ۽ تاريخدان جيئل اوڏ، واپڊا جي اڳوڻي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڪنسٽرڪشن انجنيئر اعجاز احمد گاد، ثقافت کاتي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر مشتاق احمد گاد ۽ ٻين تمام گهڻن تر جي اهل علم شخصيتن جو استاد رهيو. استاد جان محمد بلوچ پنھنجي سموري عمر نوجوانن خاص طور نياڻين جي تعليم تي نہ صرف ڌيان ڏنو پر جاگيرداري نظام جي ان پراڻي دؤر ۾ بہ نياڻين جي تعليم لاءِ ماڻهن ۾ شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي. ان ڏس ۾ هن سڄي عمر غريب ٻارڙن خاص طور تي نياڻين کي مفت ۾ پنھنجي گهر اندر تعليم ڏيڻ جو سلسلو جاري رکيو. هن پنھنجي ڳوٺ عاقل ۽ تر جي سمورن ڳوٺن ۾ نوجوانن کي نشي ۽ ٻين سماجي براين کان بچائڻ لاءِ انفرادي طور ڪوششون وٺي، تعليم ۽ راندين جهڙن مشغلن کي تمام گهڻي هٿي وٺرائي. جان محمد بلوچ هڪ مسڪين ڪُٽنب مان نہ صرف پاڻ پڙهي نڪتو، پر پنهنجن شاگردن سان گڏ پنهنجن پُٽن، پوٽن، پوٽين، ڏوهٽن ڏوهٽين ۽ پنھنجي قبيلي جي فردن کي پڻ تعليم يافتہ بڻائڻ لاءِ آخري گهڙين تائين جاکوڙيندو رهيو. هن 22 جولاءِ 2017ع تي وفات ڪئي. سندس اولاد ۾ مهراڻ يونيورسٽيءَ جو رٽائر پروفيسر انجنيئر بدرالحق بلوچ، ڊي. ايڇ. او لاڙڪاڻي ڊاڪٽر عبدالرحمان بلوچ ۽ انجنيئر طارق بلوچ قابل ذڪر آهن.


لفظ جان محمد بلوچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو