جان محمد عباسيءَ جو مقبرو
جان محمد عباسيءَ جو مقبرو: هي مقبرو تعلقي گمبٽ ۾ واقع آهي. ميان جان محمد عباسي ٻورڙي، تعلقي ڪڪڙ، ضلعي دادوءَ جو رهواسي هو. مشهور تعليمدان، استاد ۽ سماج سڌارڪ ٿي گذريو آهي. هن سائين جي. ايم سيد کي پڻ پڙهايو هو، جنهن جو ذڪر سائين جي. ايم سيد پنهنجي ڪتاب ’جن سين'>جنب گذاريم جن سين‘ ۾ ڪيو آهي. ميان جان محمد عباسي پنهنجي وقت ۾ تعليم جي سلسلي ۾ وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون. هن ٻه ڪتاب ’ديوان فدا‘ ۽ ’بحث مسلم تناسخ‘ تحرير ڪري ڇپرايا.
ميان جان محمد عباسيءَ جو مقبرو سنڌو درياهه جي ڪپ تي نانڪ يوسف جي درگاهه کان ڏهن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي. هي مقبرو ميان دوست علي خان عباسيءَ تعمير ڪرايو. هن مقبري ٺهرائڻ لاءِ رازا خاص طور لاهور کان گهرايا ويا هئا. مقبرو پڪين سرن تي گچ گاري سان اوساري ڪيل آهي. اڱڻ ۾ قبرن جو ميڙ آهي، جيڪي ڪافي آڳاٽيون آهن. مقبرو پيڙهه کان کاڄي ويو آهي. باقي عمارت تي ڪيل جنسار ۽ رنگ روغن اڃا قائم آهي. مهاڙيءَ ۾ چوڪاٺي سان ڪاٺ جو دروازو اٿس، جنهن جي مٿان ڪالم ڪڍي، تاج ۽ لينٽر جي وچ تي نمائشي ونگائون محراب ٺاهيو ويو آهي. مهاڙي ۾ پاسن کان ڪالم ڪڍيا ويا آهن. ٻيڙ ٻني جي وچ تي تاج آهي، جنهن جي ٻنهي پاسن تي نيلون آهن. ٻيڙ ٻني تي ڪنگريون ٺهيل آهن، جڏهن ته چئني ڪنڊن تي ننڍڙا گنبذ ۽ انهن تي نيلون هنيون ويون آهن. اٺ ڪنڊي گچ تي گول سفيد رنگ جو گنبذ رکيل آهي. گنبذ تي ابتي ڪوڻي جي گل تي نيل آهي. مقبرو ٿلهي تي ٺهيل آهي. دڙي کي پاڻي جي سيمي سبب پيڙهه کان ڪلر کائي ويو آهي.
مقبري اندر ميان جان محمد عباسي ۽ سندس ٽن پٽن ميان مهر علي، دوست علي، ريحان علي جون مزارون آهن. مقبري کي اندران تمام گهڻو جنسار ڪيل آهي، جيڪو پنهنجي وقت جي دلڪش عمارتسازي جو زنده مثال معلوم ٿئي ٿو. هيءُ مقبرو ڪنهن به طرح سرڪاري سنڀال هيٺ ڪونه آهي. مقبري جي ڀر ۾ ميان جان محمد عباسي جي جوڙايل حويلي به آهي، جنهن کي چار ڪمرا آهن. حويليءَ جي عمارت پڪين سرن سان تعمير ڪيل آهي. پنج ونگاوان لنگهه اٿس. حويلي پنهنجي وقت ۾ خوبصورت ترين عمارتن مان هڪ هئي، پر هينئر مڪمل طور اجڙجي وئي آهي. حويلي جي اڱڻ توڙي ورانڊي ۽ ڪمرن جو فرش اکڙي ختم ٿي ويو آهي. مقامي ماڻهو هن عمارت ۾ گاهه وغيره سٿا ڪري رکن ٿا. حويليءَ تي ڪاشيگري جو پڻ ٿورو ڪم ٿيل آهي.