جان محمد عرف جهورو خان

جان محمد عرف جهورو خان

جان محمد عرف جهورو خان

جان محمد عرف جهورو خان: اُستاد جان محمد خان جو جنم حيدرآباد جي مشھور ۽ قديم پاڙي، سخي پير شاھہ ڪالونيءَ ۾ 1892ع ۾ ٿيو. سندس والد صاحب جو نالو اُستاد محڪم الدين هو، جيڪو پڻ ڪوي راج هو. سندس اُستاد سندس ئي چاچوفتح محمد خان ڏگو (آنائي) هو، جهوري خان جي دؤر جا مشھور فنڪار بابا عاشق علي خان، زاهده پروين، استاد بيبو خان، خانصاحب حاجيخير محمد خان، بڙي غلام علي خان هئا. جهوري خان، شاھہ عبداللطيف ڀٽائيرح جي هڪڙي داستان ڍولو مارو تي بہ ڪم ڪيو، جيڪو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مرحوم اُستاد جان محمد کان ڪوتا سوڌو حاصل ڪري، سُر ڍول مارئي جي نالي سان سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپرايو. اڳتي هلي آغا سليم ساڳي ڪهاڻيءَ کي اردو ۾ ترجمو ڪري، اسلام آباد مان شايع ڪرايو. سندس لکيل داستان جي ڪهاڻي ۽ ڌئا (دوها) اڄ بہ ڪتاب ڍول مارئي ۾ موجود آهن. اُستاد خان محمد عرف جهوري خان جي وفات سن 1964ع ۾ حيدرآباد ۾ ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو