جان نثار خان: جان نثار خان جيدي، شاھجھان (1627-1658) جو وفادار ملازم هو. ديانت خان جي وفات کان پوءِ هيءُ احمد نگر جو قلعي دار مقرر ٿيو. کيس چاليھہ هزار روپيا راھہ خرچ جي مد ۾ مليا. هن کي پنج سئو منصب ۽ پنج سؤ سوار ڏيئي مکي جهنگل جو فوجدار مقرر ڪيو ويو. ان کان پوءِ هيءُ سيوهڻ جو فوجدار مقرر ٿي آيو. جڏهن شاهي فوجن قنڌار واري قلعي تي چڙهائي ڪئي ۽ اوسي پاسي جا صوبيدار توڙي فوجدار پنھنجي سپاھہ سميت مدد لاءِ اوڏانهن وڃي پهتا تہ جان نثار خان بہ پنھنجي علائقي مان اوڏانهن ويو ۽ انهيءَ مھم جوئيءَ لاءِ خدمتون سرانجام ڏنائين. هن کي سيوهڻ کان بکر موڪليو ويو، جتي يوسف محمد خان جي بدليءَ سبب پنھنجي عهدي تي فائز ٿيو ۽ انهيءَ سال ئي وفات ڪري ويو.