
جان ڪيٽس
جان ڪيٽس (John Keats ):مشھور انگريز شاعر جان ڪيٽس جو جنم 1795ع ڌاري لنڊن ۾ ٿيو. هن جي پيءُ جو نالو ’ٿامس‘ هو. کيس ٻہ ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ هئي ۽ هيءُ سڀني کان وڏو هو. 1804ع ڌاري هن جي پيءُ جو روڊ حادثي ۾ موت ٿيو. ڪجهہ عرصي کان پوءِ هن جي ماءُ ٻي شادي ڪئي، پر اها شادي ناڪام ٿي. پوءِ سڀئي ٻار پنھنجي نانيءَ جي گهر ايڊمنٽن ۾ وڃي رهڻ لڳا. هن جي ماءُ 1810ع ڌاري ٽي. بي جي بيماريءَ سبب گذاري وئي. ڪيٽس پنھنجي تعليم ’پروگريسو ڪلرڪ اسڪول‘ مان حاصل ڪئي، جتي هن اينيئڊ (Aeneid) جو ترجمو ڪيو. 1814ع ڌاري هن جو پهريون نظم ‘Lines in Imitation of Spenser’ نالي ڇپيو. 1817ع ڌاري هن جو ڪتاب ‘Poems by Jhon Keats’ نالي ڇپيو، پر اهو مشھور ٿي نہ سگهيو. 1818ع ڌاري اينڊيمين، 1819ع ڌاري ’دي ايو آف ايس ٽي ايجنس‘ ۽ ’لابيل ڊيم سينس مرسي‘ نالي نظمن جا ڪتاب ڇپيا. ساڳئي عرصي دوران هن جون مشھور ڏُکاريل ڪوِتائون: ‘On a Grecian Urn’، ‘To a Nightingale’ ۽ ‘To Psyche’ وغيرہ ڇپيون، جن هن کي ’امر‘ ڪري ڇڏيو. 1820ع ڌاري ڪيٽس تمام گهڻو بيمار ٿيو، سيپٽمبر 1820ع تي هيءُ روم ويو ۽ ان ئي سال پنجويهن سالن جي ڦوھہ جوانيءَ ۾ نومبر 1820ع تي وفات ڪري ويو.