جان ﷲ شاھہ ثالث

جان شاھہ ثالث: سيد مير جان ثالث، شاھہ عنايت شھيد جي وڏي خليفي مير جان شاھہ جو پڙپوٽو، علي اڪبر شاھہ اول جو فرزند ۽ فقير قادر بخش بيدل جي مرشد گهراڻي جو چشم چراغ هو. جانُ شاھہ جي تعليم ۽ تربيت پنھنجي والدين وٽ تمام سٺي نموني سان ٿي. سنڌي، سرائڪي، هندي، فارسي ۽ عربيءَ جو ڄاڻو، وڏو عالم ۽ فاضل هو. پنھنجي پيءُ جي وفات کان پوءِ مير جان اول جي پنجين پيڙهيءَ ۾ سندس درگاھہ جو گادي نشين ٿيو. ڪيترا مسلمان توڙي هندو مريد هئس. جان شاھہ ’ثالث‘، سنڌي، سرائيڪي، فارسي ۽ اردوءَ جو پختو شاعر هو. سندس ڪلام بيتن، ڪافين ۽ سه حرفين تي مشتمل آهي. سندس ڪافيون گهڻو ڪري قديم وائيءَ جي فن تي آهن، يعني هر بند هڪ مصرع جو آهي. البت ڪيترين ڪافين ۾ ٿل ڏيڍوڻو يا ٻيڻو اٿس. ڪجهہ ڪافيون نئين انداز سان بہ لکيل آهن. سنڌي ۽ هنديءَ جي آميزش جي ڪري سندس شاعريءَ ۾ سٺي رنگيني آهي. ان کان سواءِ سندس شاعريءَ ۾ تصوف جا مسئلا بہ سمجهايل آهن تہ حسن ۽ عشق جو ذڪر بہ رنگين ۽ دلڪش نموني ۾ ڪيو ويو آهي. سندس شاعريءَ تي بيدل فقير جو نمايان اثر آهي، ڇو تہ هن کانئس علمي فيض پرايو هو. سندس ولادت ۽ وفات جون تاريخون نٿيون ملن. تذڪرن ۾ فقط ايترو لکيو ويو آهي. هن ويهين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ روهڙيءَ ۾ وفات ڪئي.



هن صفحي کي شيئر ڪريو