جان ﷲ شاھہ رضوي

جان شاھہ رضوي: جان شاھہ ولد مير حيدر شاھہ رضوي، سيد محمد مڪيءَ جي اولاد مان هو. سندس وڏا پهريائين بکر ۾ رهندا هئا، پوءِ مرزا شاھہ بيگ جي زماني ۾ هي رضوي سادات بکر مان لڏي اچي روهڙي ۾ رهيا. مير جان شاھہ روهڙيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس ننڍپڻ جا ڏينهن بہ اُتي گذريا. سندس تعليم ۽ تربيت پنھنجي ئي خاندان ۾ تمام سٺي نموني سان ٿي. سندس خاندان علمي لحاظ سان تمام وڏي درجي تي رسيل هو. هيءُ بہ علم جي وڏي درجي تي رسيو. ننڍپڻ کان سندس طبيعت غور ۽ فڪر واري هئي. سنڌونديءَ جي ڪناري تي ڏينهن جا ڏينهن تصوراتي ڪيفيت ۾ گذاريندو هو. هن ننڍپڻ کان ۾ شاھہ عنايت شھيد جي فيض جو پيالو پيتو. جان شاھہ، صوفي شاھہ عنايت شھيد جي وڏن خليفن ۾ اهم حيثيت رکندڙ ۽ خليفو اول هو. شاھہ عنايت شھيد جي سڀني تذڪري نگارن شاھہ شھيد جي خليفن جو احوال لکندي سڀ کان پهرين مير جان شاھہ جو ذڪر ڪيو آهي. مير جان شاھہ هن سلسلي جو وڏي ۾ وڏو شاعر ۽ صوفي شاھہ عنايت جي فڪر جو شارح هو. مٿس شاھہ عنايت شھيد جي زندگيءَ جو بہ گهرو اثر هو. مير شاھہ رضوي'>جان شاھہ رضوي فارسيءَ جو بھترين شاعر هو، سندس ’ديوان مير‘ گهڻو مشھور آهي. جان شاھہ رضويءَ جي شاعريءَ تي پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسحاق ابڙي تحقيق ڪري “Editing and Exegesis of Diwan Sayyed Janullah Rizwi of Lohri (Rohri)” جي عنوان سان ٿيسز لکي، سنڌ يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي.

جان شاھہ جي شاعريءَ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو تہ سندس شاعريءَ ۾ تصوف جي وڏي اپٽار آهي. تصوف جي باريڪ نڪتن سان ڀرپور سندس ڪلام من کي موهيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ آهي. شاھہ شھيد جو صوفياڻو فڪر مير جان جي شاعريءَ ۾ سٺي نموني سان ڏسي ۽ سمجهي سگهجي ٿو. جان جي شاعري مرشد جي فڪر جو آئينو آهي. ڪٿي ڪٿي ’اناالحق‘ جو آواز ۽ سرمد واري سرمستي آهي. وٽس منصور حلاج کان وٺي شاھہ شھيد تائين فڪري تسلسل آهي، هن جي شاعريءَ ۾ وحدت الوجود جي وائي گهڻي آهي. سندس شاعري ۾ گهڻن هنڌن تي حافظ کان صائب جو تذڪرو بہ ملي ٿو. جان شاھہ جي شاعريءَ مان معلوم ٿئي ٿو تہ سندس مطالعو ۽ مشاهدو تمام وسيع هو. جان جي ڪلام ۾ خواهشن پٺيان ڀٽڪڻ بجاءِ قناعت ۽ ڪنڊائتو ٿي رهڻ جي صلاح ۽ عارفاڻي حقيقت لاءِ محبت الاهي ۾ رهڻ جو سبق ڏنل آهي. جنهن عبادت مان انسان کي روحاني سڪون نٿو ملي، ان کي هو فضول سمجهي ٿو. سندس شاعري فني ۽ فڪري لحاظ سان اعليٰ ڳڻن سان ڀريل آهي. اهم ڳالھہ هيءَ آهي تہ هن جي ڪلام ۾ عظيم سنڌي تصوف جي روايت جي تاريخ آهي. سنڌي تصوف جي بلنديءَ جو ڇيھہ آهي ۽ صوفي شاعريءَ جو معراج آهي. ڀارت ۾ رهندڙ ڊاڪٽر هرومل ’خادم‘ سدا رنگاڻي ‘Persian Poets of Sindh’ ۾ لکي ٿو تہ :

“Mir was greatly respected for his profound scholarship and his simple and Pious Life”

جان شاھہ رضويءَ 691 ھہ/1291ع ۾ وفات ڪئي.



لفظ جان ﷲ شاھہ رضويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو