جان ﷲ شاھہ عاشق

جان شاھہ عاشق:مير جان شاھہ ’عاشق‘، سيد منور علي شاھہ جو پٽ هو. روهڙي شھر جي صوفين جي سرواڻ مير جان شاھہ اول جي اولاد مان هو. مير جان شاھہ ’عاشق‘ پيءُ جي وفات کان پوءِ درگاھہ جو سجادہ نشين ٿيو. هن سيد عبدالوهاب شاھہ جيلاني ڀاڳناڙيءَ واري کان روحاني فيض حاصل ڪيو ۽ علم جي تمام وڏي درجي تي رسيل هو. جان شاھہ ثاني ’عاشق‘ فارسيءَ جو صاحب ديوان شاعر ٿي گذريو آهي. هن سنڌيءَ ۾ بہ صوفياڻي شاعري ڪئي آهي. سندس ڪلام ۾ عشق ۽ تصوف جي تنوار ۽ وحدت جي وائي موجود آهي. سندس شاعري پختگيءَ جي لحاظ سان بہ مٿانهين درجي جي آهي. وڏو فياض شخص هو، جيڪو بہ وٽس ايندو هو، روحاني ۽ دنيوي فيض پرائي ويندو هو. ڀاڳناڙيءَ واري بزرگ سان نسبت سبب سندس مائٽ مٿس ناراض ٿيندا رهندا هئا، جنهنڪري پنھنجي ساٿين سان گڏ روهڙي شريف جي واعظ واري مسجد ۾ رهندو هو. سيد جان شاھہ ’عاشق‘ 1255ھہ/ 1839ع ڌاري وفات ڪئي. سندس مزار روضي کان ٻاهر شاهي دروازي تي آهي.



هن صفحي کي شيئر ڪريو