جاهين ٻڌ

جاهين ٻڌ: جاهين ٻڌ وڏو بھادر ۽ عقلمند هو. فتحنامه سنڌ عرف چچ نامي جو مصنف ڄاڻائي ٿو ته، ”جڏهن محمد بن قاسم سنڌ تي حملو ڪري لشڪر سميت ديبل شھر پهتو، تڏهن کيس ديبل شھر جي وچ ۾ هڪ قلعو ۽ مندر نظر آيو، انهيءَ مندر جي مٿان هڪ گنبذ هو، جنهن جي اوچائي چاليھہ وال هئي. محمد بن قاسم انهي قلعي ۽ قلعي ۾ موجود مندر کي پنھنجي گهيري ۾ آندو ۽ جڏهن سندس لشڪر ستن ڏينهن کان پوءِ رات جو انهيءَ مندر واري قلعي تي چڙهڻ لڳو، تڏهن اندر موجود ديبلين بچڻ جي ڪا واھہ نہ ڏسندي قلعي جا دروازا کولي ڇڏيا، ان کان پوءِ اهي سڀ محمد بن قاسم کان جان جي امان گهرڻ لڳا، پر هن انڪار ڪيو ۽ حڪم ڏنائين تہ هنن سڀني کي قتل ڪيو وڃي. اهو ڪوس ٽي ڏينهن جاري رهيو. محمد بن قاسم ۽ سندس لشڪر قلعي ۾ اچڻ کان پوءِ مندر ۾ گهڙي پيو. مندر مان جڙائو زيور، ٻيون قيمتي شيون ۽ ست سؤ حسين ڇوڪريون ڪڍي باقي ٻين سڀني مردن توڙي ٻارن کي قتل ڪري ڇڏيائون. قتل ٿيل چئن هزارن کان مٿي ماڻهن جا قيمتي زيور بہ لاٿا ويا. انهيءَ قلعي ۾ موجود ديبلين جو حاڪم جاهين ٻڌ برسايد جو پٽ هو. جڏهن ستين ڏينهن رات جو محمد بن قاسم جو لشڪر قلعي جي ڀتين تي چڙهڻ لڳو، تڏهن جاهين ٻڌ، جيڪو تمام بھادر هو راتو رات قلعي جي ڀت ٽپي وڃي راجا ڏاهر وٽ پهتو ۽ ان کي هن سڄي ظلم کان آگاھہ ڪيائين. راجا ڏاهر کي ڏاڍو ڏک ٿيو، پر جاهين کي سلامت ڏسي، لشڪر ڏئي مهراڻ جي ڪناري ٻيٽ جي قلعي جو حاڪم مقرر ڪيائين ۽ جڏهن محمد بن قاسم ٻيٽ جي قلعي وٽ پهتو تڏهن جاهين ٻڌ ۽ محمد بن قاسم جي وچ ۾ زبردست جنگ لڳي.“



لفظ جاهين ٻڌھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو


سپه سالار - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جاهين ٻڌ
سپه سالار ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون