جاوا

جاوا

جاوا

جاوا: آزاد جمهوريه متحدہ انڊونيشيا جو هڪ ٻيٽ آهي، جيڪو انتظامي لحاظ کان هيٺين ٽن صوبن ۾ ورهايل آهي: (1) مغربي جاوا، جنهن جو گادي جو هنڌ باندوگ آهي، (2) وسطا جاوا، جنهن جو مرڪزي شھر سيمارانگ آهي، (3) مشرقي جاوا، انڊونيشيا جو جڪارتا بہ جاوا ۾ ئي آهي، جنهن جي گادي جو هنڌ سوراپايا آهي.

انڊونيشيا ٽن صدين جي جدوجھد کان پوءِ 1949ع ۾ ولنديزين جي غلامي مان آزاد ٿيو آهي. جاوا جي مختصر تاريخ هن طرح آهي:

سلطان اگنگ (1613ع کان 1645ع) تائين جاوا جو سڀني کان وڏو مسلمان فرمانروا هو، جنهن جو دوراسلامي اقتدار جي عھد جو عروج هو. سندس تخت نشينيءَ تي راسم، سپوروان، نپاروڪان، بيلم بنگن ۽ بالي جي هندو رياستن متحد ٿي هندو مجاپايت جو اقتدار بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سلطان اگنگ هڪ ٻئي پٺيان کين شڪست ڏئي بانتن کان سواءِ سڄي جاوا کي فتح ڪري ورتو. ان زماني ۾ يورپ جي واپارين جي الجزائر شرق الهند ۾ آمد شروع ٿي چڪي هئي، جن مان خاص ڪري جاوا ۾ ولنديزين جو اچڻ قابل ذڪر آهي. سن 1595ع ۾ سلطان بانتن جي اجازت سان هنن جاوا ۾ پنهنجون ڪوٺيون قائم ڪيون. 1602ع ۾ ڊچ انڊيا ڪمپني'>ايسٽ انڊيا ڪمپني وجود ۾ آئي. 1610ع ۾ ڊچن خودسري ڪئي تہ سلطان سختيءَ کان ڪم ورتو، تہ هو جڪارتا جي شهرين ۾ تبديل ٿي ويا، جتي هو امير جڪارتا جي اجازت کان سواءِ پنهنجو قلعو تعمير ڪرڻ لڳا. ان تي سلطان بانتن ۽ امير جڪارتا حملو ڪري کين نيڪالي ڏني. ان کان پوءِ وري سلطان ۽ امير جي وچ ۾ لڙائي شروع ٿي وئي، جنهن ۾ سلطان مارجي ويو، موقعي جو فائدو وٺندي ولنديزين گورنر جنرل موٽي آيو ۽ 9 جون 1619ع تي جڪارتا تي قبضو ڪري قتل عام جو حڪم ڏنائين. برباد ٿيل شھر تي بٽاويا نالي هڪ وسندي قائم ڪئي وئي. ولنديزي بعد ۾ ماترم جي سلطنت خلاف سازشون ڪرڻ لڳا، پر کانئن اڳ سلطان اگنگ مٿن حملو ڪري کين شڪست ڏني ۽ اندازاً ويهن پنجويهن سالن لاءِ ٻيٽ مان سندس نالو نشان مٽائي ڇڏيو. ان بعد آهستي آهستي ولنديزين جو انڊونيشيا تي قبضو ٿيندو ويو. ٽن صدين بعد آزاديءَ جي تحريڪن وسيلي 1949ع ۾ انڊونيشيا کي آزادي ملي.

پيداوار: جاوا، انڊونيشيا جو سڀ کان وڌيڪ زرخيز ٻيٽ آهي، هتي جبل جي لاهين کي پٿاري عمدي لهواري زمين پيدا ڪئي وئي آهي. ٽيهن لک ايڪڙن تي چانورن ۽ ساڍن چئن لکن ايڪڙن تي چانھہ جي پوکي ٿئي ٿي. هتان جي پيدوار ۾ ڪمند، رٻڙ، سنڪونا، ڪافي ۽ گرم مصالحو قابل ذڪر آهن. گڏوگڏ انتهائي لذيذ ميوا ڪثرت سان ٿين ٿا. ڀاڄين ۾ گوبي، چيني گوبي، گجر، موري ۽ چقندر ٿيندا آهن. لاهوري گجر، پٽاٽو، سويابين ۽ بوهي مُڱ گهڻي انداز ۾ ٿيندا آهن. ان کانسواءِ هتي گرم مصالحو بہ ڪثرت سان ٿئي ٿو. سنڌ جا سامونڊي سوداگر اڪثر اتي ويندا هئا ۽ واپار مان بي انداز ناڻو ڪمائيندا هئا. ان ڪري ’جاوا ڪرڻ‘ عيش ڪرڻ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندڙ اصطلاح بڻيو. هڪ چوڻي آهي تہ:

جيڪو وڃي جاوي، سو ول نہ آوي،

جي آوي تہ ٻال ٻچي ڍاوي.

تاريخي لحاظ سان گهڻو اڳي کان، سنڌ جي واپارين ۽ ملاحن جا ڏورانهين منزل ۽ مقصد وارا ماڳ، اوڀر طرف جاوا ۽ سوماترا جو سامونڊرا وارو ملڪ هو. ڊاڪٽر بلوچ جو خيال آهي تہ ان سامونڊرا واري ملڪ ڏانهن وڃڻ ۽ واپار ڪرڻ سببان کين ’سامونڊي‘ سڏيو ويو. 1947ع کان اڳ سنڌ جا واپاري ناکئا اوڀر طرف هندستان جي بندرن تائين ويندا هئا. جاگرافيائي لحاظ سان سنڌ جا واپاري ۽ ناکئا اولھہ طرف عربي سمنڊ جهاڳي عربستان تائين ٿي ويا تہ اوڀر طرف گهڻو پري جاوا- سوماترا جي سامونڊرا حڪومت جي گاديءَ جي شھر ۽ بندر ’پرلڪ‘ تائين، جنهن کي ’لڪ‘ ۽ ’لڪا‘ بہ سڏيو ويو، اتي ٿي پهتا. اتي جو سودو ڪري ’لڪا‘ ماڻي موٽيا. بندر جو سنڀاليندڙ ۽ محصول اوڳاڙيندڙ ’شاھہ بندر‘ (بندر جو شاھہ) هو، جيڪو بندر جي ڌڻين (حڪمرانن) طرفان مليل پروانن وارن جهازن کان ’لاڳ‘ نہ وٺندو هو. ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ۾ اڄ تائين بندر جي حاڪم کي ’شاھہ بندر‘ چيو وڃي ٿو. ’سامونڊرا‘ کي ’سوماترا‘ سڏجي ٿو. سامونڊرا جو شھر اڃا تائين موجود آهي ۽ ضلعي جو مرڪزي شھر آهي. سلطان ملڪ صالح جي قبر موجودہ شھر کان ڪجهہ مفاصلي تي ٻاهر آهي، جنهن تي سندس وفات جي تاريخ مهينو رمضان 696 ھہ/ 1297ع لڳل آهي. اڳيون سامونڊرا جو شھر ان مزار کان ڪجهہ اڳتي سمنڊ واري ڪناري طرف هو، جتي ان جا ميساريل آثار هن وقت تائين موجود آهن. شھر سان لاڳيتو سامونڊرا جو بندر هو، جيڪو سلطان ملڪ صالح جي حڪومت واري دور يعني ستين صدي هجريءَ مطابق 13 صدي عيسوي ۾ ملڪ جو وڏو بندر بڻيو ۽ چوڏهين پندرهين صدي عيسويءَ ۾ بين الاقوامي واپار جو وڏو مرڪز ٿي ويو. انهيءَ دور ۾ ئي سامونڊرا سنڌ جي پرڏيهي واپارين جي منزل مقصود بڻيو ۽ انهيءَ لحاظ سان سنڌ ۾ کين ’سامونڊري‘ سڏيو ويو. سامونڊرا کان پوءِ اڳتي ڏکڻ طرف ’پَسئَي‘ جو شھر سلطان ملڪ صالح جي پوين جانشينن جو گاديءَ جو شھر ٿيو، جتي جي تاريخي قبرستان ۾ راڻي مهراسيا جي تربت تي 17 ذوالحج 821ھہ/1418ع وفات جي تاريخ جو ڪتبو لڳل آهي. ان کان اڳيان پُرَلَڪ جو موجودہ شھر آهي، جنهن کان ست اٺ ميل ڏکڻ طرف پرلڪ نديءَ جي ڇوڙ وٽ پرلڪ جو وڏو قديم شھر ۽ بندر هو، جيڪو ان دور ۾ بين الاقوامي واپار جو مکيہ مرڪز هو. پرلڪ نديءَ ذريعي جھاز اندر پرلڪ بندر تي ايندا هئا. سنڌ جا وڻجارا، سامونڊرا رياست جي اترئين ڀاڱي ۾ سامونڊرا شھر ۽ بندر کان پوءِ پسي بندر پهچندا هئا ۽ ان کان پوءِ اڳتي پرلڪ بندر ۽ ٻين ملڪن ڏانهن ويندا هئا. بلوچستان ۽ سنڌ واري ڪناري جي واپارين ۽ ناکئن جي پرلڪ تائين پهچڻ جي تصديق هڪ تاريخي ڪتاب مان پڻ ٿئي ٿي، جيڪو هڪ بلوچ ناکئي اسحاق مڪرانيءَ ان دور ۾ پرلڪ رياست جي حڪمرانن بابت لکيو. اهو تاريخي ڪتاب 1979ع کان ٿورو اڳ ڇپيو. سامونڊرا جي ملڪ صالح ۽ ان کان پوءِ راڻي مهراسيا جي وفات جي سالن 696ھہ/1297ع ۽ 821ھہ/1418ع مان ظاهر آهي تہ 13 صدي عيسويءَ کان وٺي 15 صدي عيسوي تائين سامونڊرا جي سلطنت (جاوا) ۽ ان جا شھر بندر سامونڊرا، پسي، پرلڪ، اوج ۽ عروج تي هئا، جن سان سنڌ جو پرڏيهي واپار هلندڙ هو ۽ سنڌ جا وڻجارا، معلم، ملاح ۽ ناکئا اتي پهچندا هئا. سنڌ جي تاريخ ۾ اهو دور سومرن جو آخري ۽ سمن جو سڄو دور هو، ان مان اندازو ٿئي ٿو تہ سنڌي صوفياڻي شاعريءَ ۾ سامونڊين جي اهڃاڻن ۽ اشارن وارا بيت ۽ انهن ۾ سمايل معنائون تيرهين کان پندرهين صديءَ جي آخر تائين سمنڊ ذريعي هلندڙ سنڌ جي واپار ۽ ان وقت جي وڻجارن ۽ ناکئن جي ڪوششن ۽ ڪشالن جون يادگار آهن. کنڀات ملڪ ۽ کنڀات جو شھر ۽ بندر عرب، اسلامي دور ۾ توڙي ان کان پوءِ ڪجهہ عرصي تائين انتظامي طور سنڌ وٽ هئا ۽ سنڌ جا وڻجارا ڏکڻ هندستان ڏانهن ويندي کنڀات جي شھر ۽ بندر تي بہ لهندا هئا. شاھہ لطيف رح بہ پنھنجي ڪلام ۾ اهڙا اهڃاڻ ڏنا آهن:

لڪا لڪا ڪن، لئہ لڪا جي اوهريا،

سڻي سونَ لڪاءَ جو، سک نہ سامونڊرين،

پرھہ پڳھہ ڇوڙيا، کاري کيڙائن،

وڏي ڀاڳ ڀڙن، جي ڪهيا ڪارونڀار ڏي.

(شاھہ جو رسالو، ڊاڪٽر بلوچ، سامونڊري، ص: 212)





لفظ جاواھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو