
جاويد اقبال جسٽس
جاويد اقبال جسٽس: پاڪستان جو نالي وارو قانون دان ۽ دانشور، ڊاڪٽر جاويد اقبال ۽ علامہ اقبال جو فرزند 5 آڪٽوبر 1924ع تي سيالڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. 1944ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج لاهور مان بي. اي (آنرز) ڪيائين ۽ پنجاب يونيورسٽيءَ مان ايم. اي انگريزي ۽ ايم. اي فلاسفي جي ڊگري حاصل ڪيائين. 1954ع ۾ ڪيمبرج يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ۽ لنـڊن مان ئي 1956ع ۾ بئريسٽريءَ جو امتحان پاس ڪيائين. 1956ع کان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ وڪالت شروع ڪيائين. 1968ع ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو ميمبر ۽ 1969ع ۾ پاڪستان بار ڪائونسل جو ميمبر ٿي رهيو. ان کان پوءِ هيءُ 1971ع ۾ لاهور هاءِڪورٽ جو جج 1982ع ۾ چيف جسٽس جي عهدي تي فائز ٿيو ۽ 1986ع ۾ سپريم ڪورٽ جو جج ٿيو ۽ 1989ع ۾ پنھنجي رٽائرمينٽ تائين هن منصب تي فائز رهي پنهنجا فرض انجام ڏيندو رهيو. 1983ع کان 1985ع تائين قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي سنڊيڪيٽ جو ميمبر ۽ 1989ع کان 1992ع تائين گورنمينٽ ڪاليج لاهور جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ جو نائب صدر رهيو. 1985ع کان 1994ع تائين اقبال اڪيڊميءَ جي مجلسِ ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ جو نائب صدر رهيو. رباط ۾ اسلامي ڪانفرنس جي تنظيم (او. آئي. سي) جي وزارت خارجہ جي ڪائونسل جو ميمبر منتخب ٿيو، 1989ع ۾ کيس اسلامي قذافي انساني حقن جي اوارڊ (ليبيا) لاءِ بين الاقوامي ڪميٽيءَ جو ميمبر مقرر ڪيو ويو. 1989ع ۾ آمريڪا جي ويلنوا يونيورسٽيءَ ۾ اعزازي ڊاڪٽر ۽ 1990ع ۾ قونيه (ترڪي) جي سلجوق يونيورسٽيءَ کيس اسلامي ادب ۽ سائنس جي ميدان ۾ ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏني. هيءُ شاگردي واري دؤر ۽ ان کان پوءِ ڊراما لکندو رهيو آهي. هن کي اقباليات جي موضوع تي سند جو درجو حاصل آهي. سندس ڇپيل اهم ڪتابن ۾ ’مئي لاله فام‘، ’نظريہ پاڪستان‘، ’ميراث قائداعظم و افڪار‘، ’پريشان، حيات اقبال‘ ۽ ’زندہ رود‘ (ٽن جلدن ۾) شامل آهن.
1924.10.05 عيسوي
جاويد اقبال جسٽس: پاڪستان جو نالي وارو قانون دان ۽ دانشور ، ڊاڪٽر جاويد اقبال ۽ علامه اقبال جو فرزند 5 آڪٽوبر 1924ع تي سيالڪوٽ ۾ پيدا ٿيو . 1944ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج لاهور مان بي .