جاويد شاھہ جيلاني

جاويد شاھہ جيلاني: لاڙڪاڻي جي مشھور صحافي سيد جاويد شاھہ ولد غوث محمد شاھہ جيلانيءَ جو اصل نالو جاويد اختر شاھہ آهي، هن 14 سيپٽمبر 1965ع تي ڳوٺ مٺي جتوئي، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ايم. اي (صحافت) 1992ع ۾ شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. صحافت جي شروعات نائين ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران روزاني ’سنڌ نيوز‘ حيدرآباد ۾ قمبر شھر جي نمائندي طور ڪيائين. جنهن کان پوءِ مختلف اخبارن: روزاني آفتاب حيدرآباد، روزاني هلال پاڪستان ڪراچي، پاڪستان پريس انٽرنيشنل (P.P.I)، روزاني مهراڻ حيدرآباد، روزاني امن ڪراچي، روزاني بشارت ڪراچي، روزاني بختاور حيدرآباد، روزاني الک حيدرآباد وغيرہ جو نمائندو ۽ لاڙڪاڻي جو بيورو چيف رهيو آهي. 1992ع کان لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ جاويد شاھہ جيلانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.09.14  عيسوي

جاويد شاهه جيلاني: لاڙڪاڻي جي مشهور صحافي سيد جاويد شاهه ولد غوث محمد شاهه جيلانيءَ جو اصل نالو جاويد اختر شاهه آهي ، هن 14 سيپٽمبر 1965ع تي ڳوٺ مٺي جتوئي ، تعلقي ڏوڪري ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تسنيم احمد صديقي
اٽل رام سوامي
ڦتوهل
شاھہ محمد مهيسر ڊاڪٽر
جشن واسواڻي دادا
ٿانوي محمد احمد مولانا
ابنِ انشا
عبدالقادر محمد حسين
فقير محمد جعفري
سريچند ميوارام
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون