جاويد شيخ

جاويد شيخ: مشھور فلمي اداڪار جاويد شيخ جو اصل نالو شيخ جاويد اقبال آهي. هن 8 آڪٽوبر 1954ع تي جنم ورتو. سندس وڏا ڪراچيءَ جا قديم رهاڪو آهن. جاويد شيخ جي پهرين فلم ’ڌماڪا‘ هئي، جيڪا 1974ع ۾ رليز ٿي. هن جي پهرين شادي زينت منگيءَ نالي خاتون سان ٿي، جنهن جو تعلق سکر سان چيو وڃي ٿو، جنهن مان کيس هڪ ڌيءَ مومل ۽ هڪ پُٽ شھزاد جو اولاد ٿيو. جڏهن تہ جاويد شيخ جي ٻي شادي مشھور آرٽسٽ سلميٰ آغا سان ٿي، پر ڪجهہ عرصي بعد سندن علحدگي ٿي وئي. جاويد شيخ 100 کان وڌيڪ فلمن ۾ اداڪاري ڪئي آهي، کيس هيٺين فلمن ۾ ڪم ڪرڻ تي ’نگار اوارڊ‘ مليو:

غريبون ڪا بادشاھہ (1988ع)، بارش (1989ع)، استادون ڪي استاد (1990ع).

هن ڪيترين ئي فلمن جي ڊائريڪشن بہ ڏني آهي. سندس ڊائريڪٽ ڪيل فلمن ۾: مشڪل (1995ع)، چيف صاحب (1996ع)، ييس باس (1997ع)، جيني دو (1998ع)، ڪهين پيار نہ هوجائي (1999ع)، يه دل آپ ڪا هوا (2002ع)، کُلي آسمان ڪي نيچي (2008ع) وغيرہ شامل آهن.

جاويد شيخ ويجهي ماضيءَ ۾ ڪيترين ئي ڀارتي فلمن ۾ بہ ڪم ڪيو آهي. ان کان سواءِ هو ڊرامن ۾ بہ اداڪاري ڪندو رهيو آهي. جن ڀارتي فلمن ۾ هن اداڪاري ڪئي آهي، انهن ۾: مجهي چاند چاهيي، يه دل آپڪا هوا، دس، جانِ مَن، نمستي لنڊن، اوم شانتي اوم، ماءِ نيم از اينٿوني، هم تم اور گهوسٽ وغيرہ شامل آهن.



لفظ جاويد شيخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1954.10.08  عيسوي

جاويد شيخ: مشهور فلمي اداڪار جاويد شيخ جو اصل نالو شيخ جاويد اقبال آهي . هن 8 آڪٽوبر 1954ع تي جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد غوث علي شاھہ
جارج ابراهَم گريئرسن
رائيٽ ڀائر
رحمون فقير
قاضي شفيق مهيسر
صلاح الدين ايوبي
سريندر ناٿ
حڪيم محمد صالح ڪانڌڙو
عظميٰ گيلاني
بچل شاھہ (بزرگ)
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون