جاويد قاضي

جاويد قاضي

جاويد قاضي

جاويد قاضي:برک صحافي، ڪالم نگار ۽ وڪيل جاويد قاضي، مشھور محب وطن سياستدان ۽ هاري اڳواڻ، قاضي فيض محمد جو فرزند آهي. هن 02 مئي 1964ع تي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. سندس والد قاضي فيض محمد نہ صرف هاءِ ڪورٽ سنڌ جو وڏو وڪيل هو. پر سندس شمار سنڌ جي ساڃاھہ وند اديبن ۽ هاري تحريڪ جي اڳواڻن ۾ ٿئي ٿو. قاضي فيض محمد جا ٽي ناول، آتم ڪٿا ۽ ٻہ شاعريءَ جا ڪتاب ڇپيل آهن. جاويد قاضي پرائمري تعليم نوشهري فيروز مان حاصل ڪئي. ميٽرڪ 1979ع ۾ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري مان، انٽر گورنمينٽ ڪاليج موري (1981ع) مان ۽ بي. اي (انجنيئرنگ) مهراڻ يونيورسٽي ڄامشوري مان 1988ع ۾ڪيائين. سدائين پهريون نمبر کڻندڙ جاويد قاضيءَ DABP جو ڪورس انسٽيٽيوٽ آف بينڪرس آف پاڪستان مان 2000ع ۾ ۽ ايل ايل بي جي ڊگري يونيورسٽي آف لنڊن (ايڪسٽرنل) مان 2009ع ۾ ڪئي. جاويد قاضيءَ جا سياسي، سماجي، ادبي ۽ ثقافتي مسئلن تي ڪالم، تجزيا، پروفائيل، انٽرويو، اڀياس، تبصرا وغيرہ اخبارن، رسالن ۽ مئگزينن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. گذريل پندرهن سالن کان سنڌي ٻوليءَ جي اهم ڪالمسٽ طور سڃاتو وڃي ٿو.


لفظ جاويد قاضيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1964.05.02  عيسوي

جاويد قاضي: ناليوارو صحافي ، ڪالم نگار ۽ وڪيل جاويد قاضي ، مشهور محب وطن سياستدان ۽ هاري اڳواڻ ، قاضي فيض محمد جو فرزند آهي . هن 02 مئي 1964ع تي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاھہ اسد 1
پٺاڻ آغا طارق
ڀائي پرتاب
حسينا واجد شيخ
ڀڳت تيرٿ گر
عبدالغفور خطاط
آغا بدر الدين گهنيو
امرت خان
ڀٽو غلام رضا
برٽن رچرڊ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون