
جاويد هاشمي
جاويد هاشمي: سينيئر سياستدان مخدوم جاويد هاشمي، 1 جنوري 1948ع تي ملتان ۾ ڄائو. هن پنجاب يونيورسٽيءَ مان پوليٽيڪل سائنس ۽ فلسفي ۾ ماسٽرس ڪئي. شاگرد يونين ۽ يونيورسٽي ڪائونسل ۾ سرگرم رهندي، اڳواڻيءَ جا گُر سکيا. 1985ع کان باقاعدہ عملي سياست شروع ڪيائين. 1985ع کان 1988ع؛ 1990ع کان 1993ع؛ 1993ع کان 1997ع ۽ 1997ع کان آڪٽوبر 1999ع تائين مسلسل پنھنجي تڪ تان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊبو رهيو. مسلم ليگ (نواز) سان پراڻو ناتو اٿس. نوازشريف جي ٻئي دور حڪومت ۾ مخدوم جاويد هاشمي 1997ع کان 1999ع تائين صحت جو وفاقي وزير رهيو. ان کان اڳ نوجوانن واري وزارت تي بہ رهيو. آڪٽوبر 1999ع ۾ جڏهن جنرل پرويز مشرف اقتدار تي قبضو ڪيو تہ نوازشريف خاندان سميت ملڪ بدر ٿيو ۽ ن ليگ جي سينيئر اڳواڻن کي عتاب ڀوڳڻو پوي، جاويد هاشميءَ کي بہ 2003ع ڌاري گرفتار ڪري مٿس ڪيس هلايا ويا ۽ تشدد بہ ٿيو. ڪيترن مهينن بعد آزاد ٿيو.
2008ع وارين عام چونڊن ۾ هن چئن تڪن تان چونڊ وڙهي، جن مان ملتان جا ٻہ تڪ ۽ ٻيا لاهور ۽ راولپنڊيءَ جا هئا. هي ٽن تڪن تي ڪامياب ٿيو، پر ملتان واري تڪ تي پ پ اڳواڻ مخدوم شاھہ محمود قريشيءَ کي سوڀ حاصل ٿي. هن جو شمار سينيئر ۽ سنجيدہ سياستدانن ۾ ٿئي ٿو. جولاءِ 2010ع ڌاري مٿس دماغي فالج جو حملو ٿيو، پر علاج بعد طبيعت بهتر ٿيس. مخدوم جاويد هاشمي اصولي سياست ۾ يقين رکي ٿو.
1948.01.01 عيسوي
جاويد هاشمي: سينيئر سياستدان مخدوم جاويد هاشمي ، 1 جنوري 1948ع تي ملتان ۾ ڄائو