جاڙي جبل واري جنگ: ڪڇ جي راڻي راءِ لاکي ۽ سنڌ جي حاڪم ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي جي وچ ۾ هڪ جنگ جاڙي جبل تي لڳي هئي، جيڪا جاڙي جي جنگ جي نالي سان مشھور ٿي وئي. جاڙي جي جنگ ۾ ميان غلام شاھہ ستر هزار سنڌي فوج سان راءِ لاکي جي مقابلي لاءِ ڪڇ ويو، جنهن تي راءِ لاکي رستي جي سڀني کوهن ۾ پٿر وجهرائي کوھہ بند ڪرائي ڇڏيا پر ان هوندي بہ ميان غلام شاھہ همت نہ هاري ۽ جنگ لاءِ فوج سميت اڳتي وڌيو، راءِ لاکي جي فوج ڪڇ ۾ جاڙي جبل تي موجود هئي، اتفاق سان راءِ لاکي جي فوج وٽ جيڪي توبون هيون تن مان هڪ وڏي توب ڦاٽي پئي، جنهن سبب جبل تي موجود سندس ڪيترا سپاهي مري ويا ۽ باقي بچيل فوج ۾ ڀاڄ پئجي وئي. اهو موقعو غنيمت ڄاڻي غلام شاھہ ڪلهوڙي جي فوج جي بھادر سپاهين جاڙي جبل تي چڙهي مٿن حملو ڪري ڏنو. جاڙي جي جنگ ۾ ڪڇ جا وزير، سردار ۽ رئيس وڙهندي مارجي ويا، هن جنگ ۾ مير بھرام خان ٽالپر وڏي جانفشانيءَ سان وڙهيو. جاڙي جبل تي فتح حاصل ڪرڻ کان پوءِ ميان غلام شاھہ جيئن ئي اڳتي وڌيو تہ راءِ لاکي کيس صلح جو پيغام موڪليو ۽ پنھنجي ڀيڻ ميان غلام شاھہ کي نڪاح ۾ ڏيڻ جي رضامندي ڏيکاريائين، جنهن کان پوءِ ميان غلام شاھہ ڪلهوڙو 2 رجب 1176ھہ/ 17 جنوري 1763ع تي واپس موٽي آيو. جاڙو جبل ڪڇ جي علائقي ۾ اڄ بہ موجود آهي.