جاڙي جي ڪلات

جاڙي جي ڪلات: هي دڙو تعلقي جوهي، ضلعي دادو ۾، اتر ويڪرائي ڦاڪ 260 39’ 15’’ ۽ ڏکڻ ڊگهائي ڦاڪ 670 39’ 15’’ ڊگرين تي، نئن گاج جي پيٽ کان ڏھہ ميٽر کن مٿانهين پوٺي تي پٿر جي پيڙهين جي رهتن تي مشتمل آهي. هتان ملندڙ ٺڪراٺو آمري ثقافت ۽ هڙپائي دور جي ٺڪراٺي سان ملندڙ آهي. هي سنڌو تھذيب جو اهم ماڳ مشھور قديم آثارن جي ماهر اين. جي. مجمدار ڳولي لڌو هو، ۽ ان ئي پنھنجي ڪتاب ’ايڪسپلوريشن اِن سنڌ‘ ۾ انهي ماڳ جو ذڪر ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو