جاگِريِ: هي مارواڙ جي هڪ ذات جو نالو آهي، جنهن کي عام طرح ’ماڙيـچـا‘بہ چوندا آهن. سنڌ ۾ جاگري ٻن صدين کان آباد آهن. انگريز حڪومت کين ڏوهاري قبيلو قرار ڏئي ساڻن خانہ بدوشن وارو سلوڪ اختيار ڪيو، ڇاڪاڻ تہ ’ٺڳن پنڊارين‘ جي ٽولن ۾ ’جاگري‘ بہ شامل هئا. سنڌ ۾ کين پيشي جي لحاظ کان سٺي نظر سان نہ ڏٺو ويندو آهي. البته پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ ڪي جاگري مرد پنھنجي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ درزڪو ڪم ڪن ٿا.